18 اتوار , نومبر 2018

ن ليگ سياست ۾ زنده رهڻ لاءِ ريلي ڪڍي آهي: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): پاڪستان تحريڪ انصاف اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اڄ جي شو جي ڀيٽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو سان نٿي ڪري سگهجي، بي بي شهيد آمريت خلاف نڪتي هئي، نواز شريف ٻڌائي اهو اڄ جي ريلي ڪنهن جي خلاف ڪڍي رهيو آهي، هن چيو ته ڪنٽينر جي سياست جا الزام لڳائيندڙ پاڻ ڪنٽينر تي چڙهيا آهن، نواز ليگ سياسي طور تي زنده رهڻ لاءِ 4ريلي ڪڍي آهي، اڄ جو شو مسلم ليگ ن جي سياسي ضرورت آهي، شاهه محمود قريشي جو چوڻ هيو ته حڪمران اسان تي ڪنٽينر جي سياست ڪرڻ جو الزام لڳائيندا رهيا آهن، پر اهي ماڻهو نقل ڪرڻ ۾ به ماهر آهن، اڄ پاڻ ڪنٽينر تي سوار آهن، سندس چوڻ هو ته نواز شريف پاڻ چوندو رهيو آهي ته اسان سپريم ڪورٽ جو احترام ڪندا آهيون ۽ سپريم ڪورٽ جو فيصلو قبول ڪنداسين پر جي آءِ ٽي رپورٽ سندن اميدن جي ابتڙ آئي ته تپي سيخ ٿي ويا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ مڇريل ماڻهن جو اينٽي انڪروچمنٽ ٽيم تي حملو، آفيسر ڀڄي جان بچائي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي صدر ايمپريس مارڪيٽ ۾ حددخلين خلاف آپريشن ڪندڙ ٽيم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے