18 اتوار , نومبر 2018

ن ليگ نااهل شخص جي نالي تي رجسٽرڊ آهي: بابر اعواڻ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): تحريڪ انصاف اڳواڻ بابر اعواڻ چيو آهي ته نواز شريف نااهل هئڻ باوجود پارلياماني پارٽي جي صدارت ڪري رهيو آهي، جڏهن ته ن ليگ هڪ نااهل شخص جي نالي تي رجسٽرڊ آهي، بابر اعواڻ جو چوڻ هيو ته ڇا ڪو نااهل شخص پنهنجي نالي تي پارٽي معاملا هلائي سگهي ٿو؟ مسلم ليگ ن هڪ نااهل شخص جي نالي تي رجسٽرڊ آهي، ان جي نالي تي ڪا جماعت رجسٽرڊ نٿي ٿي سگهي، هن چيو ته وزيرن جو لنڊا بازار لڳايو ويو آهي، ڇا نااهل شخص جو بڻايل وزيراعظم نااهلي جي وڪڙ ۾ نه ايندو؟.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مخالف ڌر چاهي ٿي ته اين آر او ملي وڃي پر عمران خان نه ڏيندو: فواد چوڌري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے