12 پیر , نومبر 2018

عوام پاناما ڪيس جو فيصلو قبول ناهي ڪيو: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته عوام پاناما ڪيس جو فيصلو قبول ناهي ڪيو، نجي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جو چوڻ هو ته جي ٽي روڊ تان وڃڻ لاءِ سڀني اصرار ڪيو، جي ٽي روڊ تان وڃڻ پارٽي جو فيصلو آهي، هن چيو ته اهو احتجاج ناهي، نواز شريف جي آجيان آهي، عوام پاناما ڪيس جو فيصلو قبول ناهي ڪيو، فيصلي خلاف نظرثاني جي درخواست ڏينداسين، هن چيو ته وزيراعظم نه هجان ها ته اڃا وڌيڪ کلي اظهار ڪريان ها، ٻيون جماعتون به چئي رهيون آهن ته ناانصافي ٿي، وزيراعظم چيو ته ٽيڪس نه ڏيڻ ڏوهه آهي، ان سان رياست ڪمزور ٿيندي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهباز شريف اين آر او جي ڪوشش ۾ آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته چين کان جيترو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے