16 جمعہ , نومبر 2018

قطر 80 ملڪن لاءِ ويزا فري اسڪيم متعارف ڪرائي ڇڏي

دوحا (ويب ڊيسڪ) قطر 80 ملڪن لاءِ مفت ويزا اسڪيم متعاف ڪرائي آهي، جيڪا جلد لاڳو ڪئي ويندي. قطر طرفان متعارف ڪرايل فري ويزا اسڪيم تحت يورپي يونين، اولهه ملڪن، لاطيني آمريڪا ۽ ايشيائي ملڪن تي ٻڌل 80 ملڪن جي شهرين لاءِ ويزا مفت هوندي. اختيارين موجب ويزا اسڪيم ۾ شامل ملڪن جي شهرين کي رڳو پنهنجو اصلي پاسپورٽ ڏيکارڻو پوندو، جنهن کانپوءِ کين ملڪ ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت هوندي، اها اسڪيم قطر کي خطي جو آزاد ترين ملڪ بڻائيندي. اڳ ئي ويزا فري 6 نار ملڪن کانسواءِ لبنان اڪيلو عرب ملڪ آهي، جنهن کي اسڪيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي. مفت ويزا حاصل ڪندڙ ماڻهن کي سندن ملڪ جي ڪيٽيگري جي حساب سان قطر ۾ رهڻ جي اجازت هوندي. ترسڻ جو گهٽ ۾ گهٽ مدو 30 ۽ وڌ ۾ وڌ 180 آهي، جڏهن ته شهرين لاءِ 90 ڏينهن واري ويزا به آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪيليفورنيا ٻيلن ۾ لڳل باهه سبب فوتين جو انگ وڌي 59 ٿي ويو

ڪيليفورنيا(ويب ڊيسڪ) امريڪي رياست ڪيليفورنيا جي جهنگ ۽ ٻيلن ۾ لڳل باهه تي ضابطو نه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے