22 جمعہ , فروری 2019

نواز شريف جي ريلي ۽ ملڪي سياسي حالتون

مدد علي سنڌي

پاڪستان جي معروضي سياست ماٺ هر گز ڪونهي. ٻه هفتا اڳ راقم الحروف هنن ئي ڪالمن ۾ لکيو هو ته سپريم ڪورٽ جو جيڪو به فيصلو ايندو، اهو محترم نواز شريف کي قبول ته ڪرڻو پوندو، پر حالتون اهوئي ٻڌائي رهيون آهن ته ايندڙ دور ۾ نوازشريف، وزيراعظم جي ڪرسيءَ تي ويٺل نظر نه اچي رهيو آهي، جنهن جي پويان سندس ئي ڪيل سياسي غلطيون آهن، ۽ انهن غلطين جي ڪري ئي کيس ٿي سگهي ٿو ته وزارت اعظميٰ جي ڪرسيءَ تان هيٺ وڃڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته آئين جو اسم 62 ۽63، سندس راهه ۾ رنڊڪ بڻجي، کيس صادق ۽ امن جي معيار تي پورو نه لهڻ تي مجبور ڪري رهيو آهي.

۽ بهرحال ٿيو به ائين. نتيجي ۾ ڪورٽ سڳوريءَ جي حڪم تي نه رڳو کيس وزارت اعظميٰ تان معزول ٿيڻو پيو، بلڪ مسلم ليگ  جي صدارت به کيس خيرآباد ڪرڻي پئجي ويئي. هاڻ صورتحال اها آهي ته اڳوڻي وزيراعظم، ميان نوازشريف اسلام آباد جي پنجاب هائوس کان جلوس جي شڪل ۾ لاهور لاءِ روانو ٿي راولپنڊيءَ جي پنجاب هائوس ۾ هڪ رات ڪرڻ بعد، لاهور طرف وڃي پهتو آهي. اليڪٽرانڪ ميڊيا تي مختلف رپورٽنگ ٿي آهي، ۽ فلم شعلي جي هن ڊائيلاگ وانگر ته ڪيترا ماڻهو هئا، جوآواز نمايان ٻڌڻ ۾ پيو اچي. ڪنهن چيو ته 36 هزار، ته ڪنهن ان کان گهٽ انگ ٻڌايو، پر جلوس جو طريقي ڪار وري به سرڪاري نظر آيو، جنهن جي پويان پنجاب حڪومت جي سموري مشينري پشت پناهه ٿيندي نظر اچي رهي هئي.

ڪجهه اطلاع اهي به آهن ته اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف اسلام آباد مان روانو ٿيڻ دوران سياسي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ويو. پنجاب هائوس اسلام آباد وٽ وڏي انگ ۾ ڪارڪن نه اچڻ سبب نوازشريف کي پنجاب هائوس جي پوئين دروازي کان نڪرڻو پيو. ۽ ميڊيا جا نمائندا مک گيٽ وٽ انتظار ڪندا رهيا. پر نوازشريف پوئين دروازي کان نڪري ويو. صحافين جو چوڻ هو ته نوازشريف جو قافلو جڏهن آءِ ايٽ وٽ پهتو ته سموريون گاڏيون هڪ ڪلوميٽر اندر پوريون ٿي ويون.قافلي ۾ لکن بدران هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو شامل هئا. قافلي ۾ فيض آباد کان پوءِ اضافو ٿيڻ شروع ٿيو، ۽ نوازشريف سڄي ڏينهن جي سفر بعد رات جو جڏهن پنڊي جي ڪاميٽي چوڪ وٽ پهتو ته ڪارڪنن جو انگ وڌيل هو. اسلام آباد پوليس ذريعن جو چوڻ هو ته قافلي ۾ 700 کان 800 سرڪاري ۽ پرائيويٽ گاڏيون شامل هيون. حڪومتي ذريعن جي دعويٰ هئي ته قافلي ۾ لکين ماڻهو شامل آهن. جڏهن ته مخالف ڌر جي مختلف اڳواڻن چيو ته نوازشريف جو شو ناڪام ٿي ويو.

هوڏانهن ٻئي طرف اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار پاڻ کي ريلي جو حصو نه بڻايو هو نوازشريف جي روانگي وقت پنجاب هائوس به نه آيو. ذريعن جو چوڻ هو ته چوڌري نثار نوازشريف کي صلاح ڏني ته هو جي ٽي روڊ بدران موٽر وي ذريعي لاهور روانو ٿئي.پر نوازشريف اها صلاح نه مڃي. اهڙي صورتحال سبب چوڌري نثار ريلي جا انتظام به نه سنڀاليا. هن کي نوازشريف جي گاڏي هلائڻي هئي پر هو ريلي ۾ ئي نه آيو.

هاڻي سوال اهي به اٿي رهيا آهن ته ميان صاحب آخرڪار ڪنهن جي خلاف جلوس ڪڍيو آهي.؟ هن معاملي تي پاڪستان ۾ سوشل ميڊيا ۾ ميان نوازشريف جي جلوس جي حق ۽ مخالفت ۾ مختلف بيان هلي رهيا آهن. پر اهم ڳالهه جيڪا آهي، اها هن ريت سامهون اچي پئي ته حڪمران جماعت جي جڏهن وفاق ۽ پنجاب ۾ پنهنجون ئي حڪومتون قائم آهن، ته پوءِ آخرڪار نوازليگ ڪنهن جي خلاف رستن تي نڪتي آهي؟ ٻي ڳالهه اها به چئي پئي وڃي ته ميان صاحب سپريم ڪورٽ طرفان نااهل ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي سياسي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ لاهور وڃڻ لاءِ موٽر وي بدران، پراڻي جي ٽي ايس روڊ جو انتخاب ڪيو، جنهن تي هنڌ هنڌ شهر آباد آهن. اطلاعن موجب ميان صاحب جي جلوس ۾ 600 ٽريفڪ اهلڪار جن ۾ ايس ايس پي، ايس پي ٽريفڪ،چار ڊي ايس پي، ۽ 23 انسپيڪٽر شامل هئا. اسلام آباد کان ويندي روانگي مهل پنجاب هائوس اسلام آباد مان راولپنڊي تائين 2500 پوليس مين جلوس سان گڏ هلي رهيا هئا. اها حالت هئي، هن جلوس جي سرڪاري پشت پناهيءَ جي…….

بهرحال 28 جولاءِ 2017ع کانپوءِ پاناماڪيس جي حوالي سان جي آءِ ٽي رپورٽ جي روشنيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جڏهن کان ميان صاحب کي نااهل قرار ڏنو آهي، ميان صاحب جي سياست وزيراعظم هائوس کان ٻاهر نڪري آئي آهي. نه ته عام طرح اڳوڻو وزيراعظم ميان نوازشريف گهڻو وقت پرڏيهي سرڪاري دورن، ۽ پي ايم هائوس ۾ گذاريندو هو. ٻيو ته ٺهيو، پر وزيراعظم هائوس جي بنهه ڀر ۾ واقع قومي اسيمبليءَ ۾ وڃڻ به پسند نه ڪندو هو، جنهن جي سلامتي جي اڄ ڪلهه کيس گهڻي ڳڻتي لاحق ٿي ويئي آهي. اهي چار سال يڪا ساندهه ميان صاحب پارليامينٽ کان تمام گهڻو پري رهيوجيڪو سندس اصل ماڳ ۽ مڪان هو. اڄ به هو پنهنجي ڪمزورين ۽ غلطين جو ملبو، ڪنهن ٻي ڌر تي وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. اڄ ميان صاحب جا ساٿي برملا چون ٿا ته اسان کي خبر آهي ته اسان جو ڏوهه ڪهڙو آهي!

جيتوڻيڪ ميان صاحب پاڻ ۽ سندس وزير صاحبان، ڪنهن به ادارن جو نالو وٺڻ کان پاسو پيا ڪن، پر سندس اشارو آهي ته کين اسٽيبلشمينٽ نيڪالي ڏني آهي.

پراها ٻي ڳالهه آهي ته ميان صاحب جي نا اهلي سندس ئي غلطين جو نتيجو آهي، ۽ اهابه کيس سپريم ڪورٽ جي 5 جج صاحبان جي طرفان ملي آهي، ته ان ۾ ڪنهن جي سازش جي بوءِ ڪٿان آئي، اها ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي. خبر ناهي ته هو صاحبان اهو ڇو ٿا وساري ويهي رهن، ته جي آءِ ٽي توڙي سپريم ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم کي سندس صفائيءَ لاءِ پورو پورو موقعو فراهم ڪيو، ته هو صاحب پنهنجي مني ٽريل ثابت ڪري. پر هن انهن معاملن ۾ سنجيدگيءَ کان ڪم نه ورتو.

انهن حالتن کي مدنظر رکندي اها ڳالهه واضع طور تي اڳ به چئي هئي، ۽ هاڻ به چئي رهيا آهيون، ته ملڪي سياست ۾ رونما ٿيندڙ تازن واقعن جي تناظر ۾ ڏسڻ ۾ اهو اچي رهيو آهي ته ميان نوازشريف جا ستارا گردش ۾ آهن. سپريم ڪورٽ نه رڳو کيس نااهل قرار ڏنو آهي، پر ساڻس گڏ سندس ڪٽنب خلاف پاناما ليڪس جي حوالي سان قومي احتساب بيورو ۾ ريفرنس داخل ڪرڻ جو حڪم به جاري ڪيو آهي. انهن ۾ اهم معاملو حديبيا ملز ريفرنس به شامل آهي، هي اهو معاملو آهي، جنهن جو ذڪر پاناما ليڪس جي ٻڌڻيءَ دوران سپريم ڪورٽ ۽ بعد ۾ جي آءِ ٽي جي ٻن مهينن واري جاچ دوران به ٻڌو ويو. ياد رهي ته حديبيا ملز ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري سال 2000ع مارچ ۾ نيب جي ان وقت جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل اسد محمد امجد ڏني هئي. جيتوڻيڪ شروعات ۾ هن ڪيس ۾ نوازشريف جو نالو شامل ڪو نه هو، پر بعد نوازشريف، کان سواءِ سندس والده شميم اختر، ٻن ڀائرن، شهبازشريف، عباس شريف، پٽ حسين نواز، ڌيءَ مريم نواز، ڀائيٽن حمزه شهباز، عباس شريف ۽ ان جي زال صبيحه عباس جا نالا شامل هئا. اهو ريفرنس موجوده خزاني واري وزير اسحاق ڊار جي 25 اپريل 2000ع تي ڏنل بيان جي بنياد تي داخل ڪيو ويو هو. جنهن ۾ هن جعلي اڪائونٽس ذريعي شريف خاندان لاءِ هڪ ڪروڙ 48 لک ڊالرن جي برابر رقم جي مني لاڊرنگ جو اعتراف ڪيو هو. اها ٻي ڳالهه آهي ته بعد ۾ اسحاق ڊار بيان تان ڦري ويو هو، ته هن اهو بيان ڪنهن دٻاءَ ۾ اچي ڏنو هو.

تنهن کانسواءِ رائيونڊ اسٽيٽ ڪيس وارو معاملو به سندن آڏو آهي. ان معاملي جو تعلق جاتي امراءُ ۾ 401 ڪئنال زمين تي 1992ع کان 1999ع تائين شريف خاندان جي رهائش گاهه ۽ ٻين عمارتن جي تعمير جي حوالي سان هو،  انهن کان علاوه به ڪيترا ريفرنس آهن، جن کي ميان صاحب ۽ هن جي ڪٽنب کي منهن ڏيڻو پوندو.

هاڻي اها ڳالهه به ميان صاحب کان ڪو ماڻهو پڇي ضرور ته توهان جي زوال جي پويان ڪائي ٻي سياست آهي ته ان بابت به ڪجهه ڇو نٿا ٻڌايو. پر انهن سمورين ڳالهين کان سواءِ بهتر ائين ٿيندوته ان کان اڳ کيس پاڻ تي آيل الزامن جو مقابلو ڪرڻ گهرجي، باقي عوامي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ سان کيس ڪو به فائدو پهچڻ جي اميد گهٽ ٿي نظر اچي. چڱو ٺيڪ آهي، توهان  اسلام آباد ايندي کان جلوس وٺي لاهور وڃي پهتا، پر پوءِ ان کان اڳتي ڇا آهي؟ جيڪڏهن ڪجهه به نه آهي ته پوءِ کيس اها ڳالهه مڃڻ گهرجي ته توهين هاڻ هن ملڪ جا وزيراعظم نه رهيا آهيو. سپريم ڪورٽ جي ججن اوهانکي نااهل قرار ڏنو آهي. هاڻ توهان وٽ فقط به رستا وڃي بچيا آهن. يا ته ججن جي فيصلي خلاف قانوني رستو اختيار ڪريو يا وري ان فيصلي کي به خدا جي مرضي سمجهي ان کي مڃي ويهي ايندڙ وقت جو انتظار ڪريو. باقي جيتريقدر عوام وٽ وڃڻ وارو معاملو آهي ته عوام وٽ ته ان کي وڃڻ گهرجي، جيڪو عوامي ليڊر هجي، توهانکي ته ڪو به سياسي عهدو رکڻ کان به منع ڪئي ويئي آهي. باقي جيڪڏهن ميان صاحب پنهنجي شاهاڻي گاڏي ۾ نڪتو ته کيس صلاح اهائي آهي ته هو صاحب پنهنجي گاڏي کي رورس ڪري نه هلائي، ان سان نه رڳو کيس بلڪ هن ملڪ کي به سفر ڪرڻو پئجي ويندو.

هنن سمورن معاملن ۾ ڪنهن ٽين ڌر جي سازش جو معاملو ڪٿان فٽ ٿيندو، اها ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي. اصل ڳالهه اها آهي ته پاڪستان جا سياستدان جڏهن اقتدار جي ڪرسيءَ تي ويهن ٿا، ته راتئون رات کين شهنشاهه ٿيڻ، ۽ محلن جهڙا گهر ٺهرائڻ سان گڏوگڏ انگلينڊ، فرانس، ۽ عرب امارات ۾ ملڪيتون ٺاهڻ جو جنون دماغ تي سوار ٿيو وڃي. ان مهل کين اهو وسري ٿو وڃي ته هن ملڪ جا ڪروڙين ماڻهو اڃا غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گهاري رهيا آهن، ۽ اهي ئي انگ اگهاڙا ۽ پيٽ بُکيا ماڻهو آهن، جيڪي کين ووٽ ڏيئي اسيمبلين ۾ موڪلين ٿا، ته اهي اتي وڃي عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪن، سندس بهتري لاءِ سندس معيار زندگي کي سڌارڻ لاءَ جوڙجڪ ڪن، پر اهي حضرات، ڪرسيءَ جي نشي ۾ سڀ ڪجهه وساري ٿا ويهي رهن. ٻيو ته ٺهيو، پر خدا جو خوف به سندن دلين مان نڪريو وڃي، بهرحال سندن دلين مان ڀلي اهو خوف نڪري ته ڇا ٿيو، پر خدا جي لٺ ۾ آواز ڪو نه هوندو آهي، اها جڏهن ڪنهن جي مٿان پوندي آهي، ته پوءِ ان کانپوءِ رونما ٿيندڙ رنگ ڏسڻ جهڙا هوندا آهن. هن وقت ملڪ جون جيڪي حالتون آهن، اهي ڪنهن کان به لڪيل نه آهن. دهشت گردي چوٽ چڙهيل آهي ۽ روزانو انهن دهشت گردن سان مقابلو ڪندي  ڪيترا فوجي آفيسر ۽ نوجوان شهيد ٿي رهيا آهن. آخرڪار اها دهشت گردي جي سازش ڪنهن جي خلاف آهي؟ اها سازش هن ملڪ جي ۽ هن ملڪ جي ڪروڙين عوام جي خلاف آهي، اهي عناصر هڪ رٿا بنديءَ هيٺ جيڪي بم ڦاڙي بيگناهن جي زندگي کي ختم  ڪرڻ جا سلسلا جاري رکيو ويٺا آهن. انهيءَ سازش کان سموري ملڪ کي هوشيار ۽ خبردار رهڻ گهرجي. دهشت گردي هڪ خوفناڪ سازش آهي، ملڪ جي خلاف، انڪري سياسي تماشا بند ڪرڻ گهرجن، ۽ ملڪي حالتن کي آڏو رکي، پوءِ ڪجهه ئي فيصلا ڪرڻ گهرجن. ۽ ان ۾ ئي سڀني جي ڀلائي آهي، ۽ اهوئي نقطو آهي، جنهن تي عمل ڀيرا رهڻ جي سڀني کي سخت ضرورت آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جهونو جوڳي ۽ ڪرنٽ افيئر

يار محمد شاهه ڪامريڊ سليم اڄ سنگت کي خوش ٿي اهو ٻڌائيندو رهيو ته ”عمران …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے