21 بدھ , نومبر 2018

آمريڪا تي ميزائل حملي جو منصوبو 15آگست تائين  تيار ٿي ويندو:اتر ڪوريا

پيانگ(ويب ڊيسڪ)اتر ڪوريا هڪ ڀيرو ٻيهر آمريڪا کي ڌمڪي ڏني آهي ته 15 آگسٽ تائين آمريڪي علائقي گوآم ۾4 ميزائل فائر ڪرڻ هو جو منصوبو تيار ٿي ويندو. جڏهن ته اتر ڪوريا دعويٰ ڪئي آهي ته ايندڙ  ڪجهه ڏينهن ۾ آمريڪي علائقي گوآم تي ميزائل حملي جي حڪمت عملي مڪمل ڪئي ويندي ۽ جيڪڏهن سربراهه مملڪت ڪم جانگ منظوري ڏني ته هن منصوبي تي فوري طور عمل ڪيو ويندو. اتر ڪوريا جو چوڻ آهي ته منصوبي تحت هوا سانگ 12 راڪيٽ فائر ڪيا ويندا جيڪي جاپان کان ٿيندا گوآم کان 30 ڪلوميٽر پري سامونڊي علائقي ۾ ڪرندا،ط اتر ڪوريا آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران ڏنل جوهري هٿيارن جي ڌمڪي کي به رد ڪيو ۽  چيو ته آمريڪي صدر“ عقل  کان بيوقوف ٿي ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي عرب خاشقجي جي قتل بابت سي آءِ اي جي رپورٽ رد ڪري ڇڏي

رياض ( ويب ڊيسڪ ) سعودي عرب صحافي جمال خاشقجي بابت سي آءِ اي جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے