18 اتوار , نومبر 2018

فريال مخدوم پنهنجي ۽ اينٿني جوشوا وچ ۾ رشتي جي اصليت ٻڌائي ڇڏي

لنڊن(اسپورٽس نيوز) ناليواري باڪسر عامر خان جي گهر واري فريال مخدوم اينٿني جوشوا کي موڪليل پيغامن ۽ عامر خان کي ڌوڪي ڏيڻ جي حوالي سان پنهنجي خاموشي ٽوڙيندي چيو آهي ته هن جو اينٿني جوشوا سان ڪوبه تعلق ناهي، سوشل ميڊيا تي گذريل ڪجهه ڏينهن کان جاري ڊرامي لاءِ معافي چاهيان ٿي. هڪ هفتو اڳ پاڪستاني ڄائي برطانوي باڪسر عامر خان طرفان گهر واري فريال مخدوم کي طلاق ڏيڻ جي خبر ملڪي ۽ عالمي ميڊيا ۾ هلچل مچائي ڇڏي هئي، ٻنهي جي عليحدگي جي خبرن پاڪستان ۽ پاڪستان کان ٻاهر رهندڙ عام جي مداحن کي سخت ڳڻتي ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو هو، جڏهن ته گهريلو معاملن کي سوشل ميڊيا تي ظاهر ڪرڻ تي به ان کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو هو، عامر خان پنهنجي گهر واري سان عليحدگي جو سبب ٻڌائيندي چيو هو ته فريال جا عالمي باڪسر اينٿني جوشوا سان تعلق آهن هوءَ گهني عرصي کان هن کي ڌوڪي ڏئي رهي آهي اهو ئي سبب آهي جو هن فريال کان عليحدگي اختيار ڪرڻ جو فيصلو فيصلو ڪري ورتو آهي. فريال پنهنجي ۽ اينٿني جوشوا وچ ۾ تعلقن جي خبرن تي خاموشي اختيار ڪئي هئي پر هاڻي هن ٽوئٽر تي پنهنجي ۽ اينٿني جي وچ ۾ رشتي جي حقيقت بيان ڪندي چيو ته مان انٿني جوشوا سان ڪڌڏهن ناهي ملي، خبر ناهي ڪنهن منهنجي ۽ اينٿني جي تصوير عامر کي موڪلي پر اهو سڀ ڪوڙ آهي عامر ان اسڪرين شاٽس تي بنا سوچي سمجهي يقين ڪري ورتو آهي، منهنجي اينٿني سان ڪوبه تعلق ناهي. فريال وڌيڪ لکيو ته هي سڀ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي هڪ غلط فهمي کان سواءِ ٻيو ڪجهه ناهي، ان سوشل ميڊيا تي جاري پنهنجي ۽ عامر جي جهيڙي تي ماڻهن کان معافي وٺندي چيو ته زندگي ۾ اڳتي وڌي سگهجي ٿو. ٻئي طرف عامر خان جو چوڻ آهي ته هو فريال کان عليحدگي ٿيڻ جي پنهنجي فيصلي تي اڃا به قائم آهي زندگي ۾ اهو سڀ ٿيندو رهندو آهي، ان جي خواهش آهي ته فريال هميشه خوش رهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

India vs Ireland, Highlights ICC Women's World T20: India Beat Ireland To Reach Semi-Finals

وومينز ورلڊ ٽي ٽوئنٽي: آسٽريليا جو ڀارت ۽ نيوزيلينڊ جو آئرلينڊ سان مقابلو

 پروويڊنس (ويب ڊيسڪ )  آءِ سي سي وومينز ورلڊ ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ڪپ ۾ اڄ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے