22 جمعرات , نومبر 2018

فلم ”جگا جاسوس“ ۾ سنجي دت سان مختصر ڪردار لاءِ رابطو ڪيو ويو هو: رنبير ڪپور

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار رنبير ڪپور چيو آهي ته ان جي پهرين پروڊڪشن فلم ”جگا جاسوس“ لا سنجي دت سان مختصر ڪردار لاءِ رابطو ڪيو ويو هو پر ڪجهه سببن ڪري سنجي دت فلم جو حصو نه ٿي سگهيو. ڀارتي ذريعن مطابق فلم ”جگا جاسوس“ جي اداڪار رنبير ڪپور چيو ته بالي ووڊ فلم انڊسٽري ۾ هر لکيل ڪردار سڀ کان پهريان سنجي دت لاءِ هوندو آهي. ان چيو ته هي ان جي پهرين پروڊڪشن فلم هئي ۽ هو چاهي پيو ته سنجي دت ان جو حصو بڻجي پر ڪجهه سبب ڪري سنجي دت فلم جو حصو نه ٿي سگهيو. رنبير ڪپور اڄ ڪلهه سنجي دت جي زندگي تي ٺهندڙ فلم تي ڪم ڪري رهيو آهي جيڪا 30 مارچ 2018ع تي نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عاليا ڀٽ پنهنجي شاديءَ جو انتظار ڪندڙن کي مايوس ڪري ڇڏيو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا عاليا ڀٽ پاڻ کي 25 سالن جي ٻڌائيندي چيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے