17 ہفتہ , نومبر 2018

ڪرينا ڪپور کي ڏسندي آهيان ته مڌوبالا ياد ايندي آهي: مڌر برج

ممبئي(شوبزنيوز) بالي ووڊ جي ليجنڊري اداڪارا مڌو بالا جي ننڍي ڀيڻ مڌر برج خواهش ظاهر ڪئي آهي ته مڌو بالا جي زندگي تي ٺهندڙ فلم ۾ ڪرينا ڪپور مُک ڪردار ادا ڪري. ڀارتي ميڊيا مطابق مڌر برج گذريل ڏينهن دهلي ۾ قائم مادام تساون ميوزيم ۾ مڌوبالا جي مجسمي جي نقاب هٽائڻ جي تقريب ۾ شرڪت دوران ان صهافين سان ڳالهائيندي چيو ته ماڻهو مڌو بالا سان بي انتها محبت ڪندا آهن، هن چيو ته کيس خوشي آهي ته هن جي ڀيڻ اڄ به ماڻهن جي دلين ۾ زندهه آهي. ان پنهنجي خواهش جو اظهار ڪندي چيو ته هڪ وقت هو جڏهن مان چاهيندي هيس ته منهنجي ڀيڻ جي زندگي تي ٺهندڙ فلم ۾ ماڌوري ڊڪشٽ مک ڪردار ادا ڪري پر هاڻي چاهيان ٿي ته ڪرينا ڪپور مڌو بالاي بڻجي، ڇو جو ڪرينا ڪپور کي ڏسي هن کي مڌو بالا ياد اچي ويندي آهي، ڪرينا بلڪل مڌو بالا جهڙي شرارتي ۽ گهڻي خوبصورت آهي، جيڪڏهن ڪڏهن منهنجي ڀيڻ جي زندگي تي فلم بڻائي وڃي ته ان ۾ ڪرينا ڪپور کي مُک ڪردار ۾ ڪاسٽ ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Ranveer Singh-Deepika Padukone wedding: Here's a tarot card reading of how successful their marriage will be

دپيڪا پڊڪون جي شاديءَ بابت 6 ورهيه اڳ ڪيل اڳڪٿي سچ ثابت ٿي وئي

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ جي پهرين جوڙ جي اداڪارا دپيڪا جي شادي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے