15 جمعرات , نومبر 2018

مصر ۾ ٻن ٽرينن ۾ ٽڪر، 44 ڄڻا فوت، 180 زخمي

قاهره(ويب ڊيسڪ) مصر ۾ ٻن ٽرينن وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 44 ڄڻا فوت ۽ 180 زخمي ٿي پيا. پرڏيهي خابرو اداري مصر جي سامونڊي شهر اسڪندريه ويجهو ٻن ٽرينون پاڻ ۾ ٽڪرائجي پيون جنهن جي نتيجي ۾ ٻارن ۽ عورتن سميت 44 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 180 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. مصري اختيارين موجب ڪيترين ئي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي جنهن سبب فوتگين ۾ واڌ جو خدشو آهي. واقعي واري جاءِ تي امدادي ڪارروائيون جاري ڪيون ويون ۽ بوگين کي ڪٽي زخمين ۽ لاش ڪڍيا ويا. مصري ريلوي اٿارٽي پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو ته ضلعي خورشيد جي ريلوي اسٽيشن تي بيٺل ٽرين کي پويان ايندڙ ٻي ٽرين ٽڪر هنيو جيڪا قاهره کان اسڪندريه وڃي رهي هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

تڪراري سريلنڪن وزيراعظم راجا پاڪسا خلاف عدم اعتماد جي قرارداد منظور

ڪولمبو (ويب ڊيسڪ ) سريلنڪن پارليامنٽ تڪراري وزيراعظم مهندا راجا پاڪسا خلاف عدم اعتماد جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے