18 اتوار , نومبر 2018

ن ليگ جي ريلي ۾ ڪو به سينيئر اڳواڻ شامل ناهي: فواد چوڌري

لاهور(ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي ترجمان فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته ن ليگ جي ريلي ۾ ڪو به سينيئر اڳواڻ شامل ناهي. تحريڪ انصاف جي ترجمان فواد چوڌري مسلم ليگ ن جي ريلي کي هڪ ڀيرو تنقيد جو نشانو بڻايو. هن چيو ته جهلم، لالا موسيٰ گجرات ۽ لاهور جي ماڻهن کي سمجهه ۾ ئي نه پيو اچي ته معاملو ٿيو ڇا آهي؟ ان ڪري هاڻ چورن ڪو نه کپبي ۽ ڪو به سينيئر اڳواڻ ريلي ۾ شريڪ ناهي. فواد چوڌري نواز شريف کي مخاطب ڪندي چيو ته توهان جي ٻارن سازش ڪئي ۽ سستا اسسٽنٽ رکيا پر هاڻ مريم، حسن ۽ حسين نواز به ايندڙ هفتي ضمانتون ڪرائيندي نظر ايندا. هن دعويٰ ڪئي ته فواد حسن فواد جي ويجهي ساٿي کي نيب ۾ لڳايو پيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے