20 منگل , نومبر 2018

شيکر ڌون 6 سالن بعد ملڪ کان ٻاهر ٽيسٽ سيريز ۾ 2 سينچريون ٺاهيندڙ ڀارتي اوپنر بڻجي ويو

ڪينڊي(اسپورٽس نيوز) ڀارتي ٽيم جي اوپننگ بيٽسمين شيکر ڌون سريلنڪا خلاف آخري ٽيست جي پهرين اننگز ۾ بهترين سينچري اسڪول ڪيو، هي ان جي هلندڙ سيريز دوران ٻي جڏهن ته گڏيل طور تي ڇهين سينچري آهي، ان سان گڏ ئي ڌون 6 سالن بعد ملڪ کان ٻاهر ٽيسٽ سيريز دوران ٻه سينچريون بڻائيندڙ ڀارتي اوپنر بڻجي ويو آهي، ان کان پهريان 2011ع ۾ راهول ڊريوڊ اوپننگ بيٽسمين طور انگلينڊ جي سرزمين تي ميزبان ٽيم خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ ٻه سينچريون ٺاهيون، ان کان علاوه اهو پهريون موقعو آهي جو ڌون هڪ ٽيسٽ سيريز دوران ٻه ٽيسٽ سينچريون ٺاهيون آهن. ڌون هن وقت تائين 26 ميچز جي 43 اننگز ۾ 1822 رنز ٺاهي چڪو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي سي بي پاڪ-آسٽريليا سيريز جون ڪجهه ميچون پاڪستان ۾ ڪرائڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون

لاهور ( اسپورٽس نيوز ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ايندڙ سال مارچ ۾ پاڪستان ۽ آسٽريليا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے