21 بدھ , نومبر 2018

آمريڪي رياست ورجينيا ۾ نسلي وڳوڙ، هڪ عورت سميت 3 ڄڻا مارجي ويا، 35 کان وڌيڪ زخمي

واشنگٽن( ويب ڊيسڪ ) آمريڪا ۾ نسلي وڳوڙن دوران چڪرين ۾ عورت سميت 3 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته 35 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.   ورجنيا جي شهر شارلٽس ول ۾ کاٻي ڌر جو نظريو رکندڙ ماڻهن جي مخالفت ۾ مظاهرو ڪيو پئي ويو ته هڪ شخص مٿن گاڏي چاڙهي ڇڏي.  علائقي ۾ اڇي نسل جي قومپرستن ۽ مخالفت ڪندڙ مظاهرين ۾ به گهٽي گهٽي ۾ چڪريون هلي رهيون آهن. برطانوي خابرو اداري جي رپورٽ موجب رياست ورجنيا جي علائقي شارلوٽس ولي ۾ نسل پرستن، گورن جي بالادستي جي حامي ۽ کاٻي ڌر جي پارٽين ريلي جو اعلان ڪيو هو، جنهن دوران ڪاري رنگ جي حقن لاءِ احتجاج ڪندڙ به پهچي ويا ۽ چڪريون شروع ٿي ويون. پوليس مظاهرين کي ڇڙ وڇڙ ڪرڻ لاءِ مرچن جي اسپري ڪئي جڏهن ته ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار پڻ ڪيو ويو. ورجنيا جي گورنر صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ رياست ۾ هنگامي حالتن جو اعلان ڪيو آهي جنهن بعد ريلي جو اعلان غير قانوني ٿي ويو آهي. مظاهرين وچ ۾ ٽڪراءَ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ 35 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. ٻئي طرف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وڳوڙن جي مذمت ڪندي چيو آهي ته آمريڪا ۾ اهڙي قسم جي تشدد جي ڪابه گنجائش ناهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اجمل قصاب ڀارتي شهري آهي، ڊوميسائيل سامهون اچڻ تي انتظاميه پريشان

نئي دهلي (ويب ڊيسڪ) اجمل قصاب جو پاڪستاني هجڻ جو ڀارتي دعوديٰ ڪوڙ نڪتو، ممبئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے