15 جمعرات , نومبر 2018

چيني نائب وزيراعظم ٻن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهچي ويو

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) چين جو نائب وزيراعظم وانگ يانگ ٻن ڏينهن جي اعليٰ سطحي وفد سميت اسلام آباد پهچي ويو آهي. چيني وفد جي هوائي اڏي تي پهچڻ تي شاندار آجيان ڪئي وئي. چيني نائب وزيراعظم پاڪستان جي 70 هين جشن آزاديءَ جي تقريبن ۾ به شرڪت ڪندو. چيني نائب وزيراعظم وانگ يانگ اعليٰ سطحي وفد سميت اسلام آباد پهتو آهي. اعليٰ چيني وفد وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ صدر ممنون حسين سان به ملاقاتون ڪندو. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن ۾ گڏيل سهڪار جي ٺاهن تي به صحيحون ڪيون وينديون. چيني نائب وزيراعظم وانگ يانگ صدر جي هدايتن تي پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي. چيني نائب وزيراعظم جشن آزادي جي جهنڊو ڦڙڪائڻ جي تقريب ۾ به شرڪت ڪندو، جڏهن ته سي پيڪ منصوبي جي پيڙهه جي پٿر واري تقريبن ۾ به شرڪت ڪندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

افغان سفارتخاني جو انچارج ٻيهر طلب، طاهر داوڙ جي قتل تي احتجاج

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ڪي پي پوليس جي ايس پي طاهر داوڙ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے