14 بدھ , نومبر 2018

اسپاٽ فڪسنگ اسڪينڊل ۾ اوپنر خالد لطيف جو دير وارو حربو ڪامياب

لاهور(اسپورٽس نيوز) پي ايس ايل اسپاٽ فڪسنگ اسڪينڊل ۾ ملوث خالد لطيف جو دير وارو حربو ڪامياب ٿي ويو، سپريم ڪورٽ سان رجوع  ڪرڻ جي خواهش اوپنر کي ٽربيونل مهلت ڏئي ڇڏي. پي ايس ايل اسپاٽ فڪسنگ اسڪينڊل ۾ ملوث خالد لطيف پي سي بي اينٽيڪ رپشن ٽربيونل تي ڌر جو الزام لڳائيندي ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ پيش ٿيڻ کان انڪار ڪندو رهيو، اوپنر ڪارروائي روڪرائڻ لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست ڏني، رد ٿي ته اپيل ۾ به ناڪام ٿيڻ تي ٽرنيونل ۾ پيش ٿي ويو، خالد لطيف پاڻ پيش ٿيڻ کان پاسو ڪندي ڪوريئر ذريعي درخواستون موڪلرايون جن ۾ ڪارروائي جي رڪارڊنگ ۽ وڌيڪ ڪرڻ ڪرڻ لاءِ چيو ويو. واضح رهي ته پهرين آگسٽ تي ٽربيونل طرفان خالد لطيف کي هدايت ڪئي وئي هئي ته 9 آگسٽ تائين آخري لکت ۾ دليل جمع ڪرائي ڇڏي، ٻي صورت ۾ 30 ڏينهن جي اندر هڪ طرفو فيصلو ٻڌايو ويندو پر اوپنر جي وڪيل بدر عالم پي سي بي کي اي ميل موڪلرائي ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ رٽ داخل ڪرڻ وڃي رهيو آهي، اسان کي ڪيس وڙهڻ ۽ پنهنجو موقف پيش ڪرڻ لاءِ پورو موقعو نه ڏنو ويو، وڌيڪ 2 هفتن جو وقت ڏنو وڃي. گذريل ڏينهن اينٽي ڪرپشن يونٽ طرفان جاري ڪيل پريس رليز ۾ پهرين آگسٽ جي ڪارروائي ۽ اي ميل جو ذڪر ٿيو چيو ويو آهي ته جيڪڏهن قائد مطابق خالد لطيف ڪو 9 آگسٽ بعد وقت ڏيڻ جي گنجائش نه هئي، ايندر 30 ڏينهن ۾ فيصلو به ٻڌايو وڃي ها، ان باوجود انصاف جون گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ خالد لطيف کي 22 آگسٽ تائين آخري لکت ۾ دليل جمع ڪرائڻ جي مهلت ڏني وڃي ٿي، جيڪڏهن ان موقعي تي به ان موقف نه ڏنو ته موجوده شاهدن جي بنياد تي فيصلو ٻڌايو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آئي سي سي ون ڊي رينڪنگ: پاڪستان  پنجين نمبر تي اچي ويو

دبئي(اسپورٽس نيوز)آئي سي سي جي ون ڊي رينڪنگ ۾ انگلينڊ جي ٽيم پهرين ۽ پاڪستان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے