16 جمعہ , نومبر 2018

اسپاٽ فڪسنگ ڪيس: ناصر جمشيد پاران ٽربيونل تي اعتراض

لاهور(اسپورٽس نيوز) اسپاٽ فڪسنگ جي الزامن ۾ معطل ڪرڪيٽر ناصر جمشيد ڪيس جي ٽربيونل ۾ ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ ڪرڪيٽر جي وڪيل ٽربيونل تي اعتراض ظاهر ڪيا آهن جڏهن ته ڪيس جي وڌيڪ ٻڌني 22 آگسٽ تائين ملتوي ڪئي وئي. ڪرڪيٽر جي وڪيل چيو ته ٽربيونل ڪهڙي طرح غير جانبدار رهي سگهي ٿو جڏهن ٽربيونل جو سربراهه ڪيس جي ڌر پي سي بي کان پگهار کڻندو آهي، خبر آهي ٽربيونل طرفان ڪهڙو فيصلو اچڻو آهي. ڪرڪيٽ بورڊ وٽ جيڪڏهن ناصر جمشيد خلاف شاهد آهن ته هو ميڊيا اڳيان پيش ڪري، ان چيو ته پي سي بي جي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ تي به اعتراض دائر ڪيا آهن. پي سي بي جي وڪيل تفضل رضوي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ناصر جمشيد ڪيس جي ڊسپلنري پينل ۽ ٽربيونل اڳيان ٻڌڻي ٿي، ٽربيونل ۾ پي سي بي طرفان ٻه شاهد پيش ٿيڻا هئا جن مان هڪ پيش نه ٿي سگهيو، جنهن سبب ڪرڪيٽر جي وڪيل چيو ته ٻنهي گواهن تي هڪ ئي ٻڌڻي ۾ جرح ڪرڻ چاهي ٿو، جنهن تي ٻڌڻي 22 آگسٽ تائين ملتوي ڪئي وئي آهي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هو ڪيس جي ڪارروائي کي ڊيگهه ڏيڻ چاهي ٿو ته جيئن ان جو فيصلو نه ٿي سگهي، جيڪڏهن اعتراض آهي ته عدالت وڃي چيلينج ڪن، هتي ڇو ٿا پيش ٿين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي سي بي، پي ايس ايل جي ٽائٽل اسپانسر جو باقاعده اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) پاڪستان سپر ليگ  (پي ايس ايل) جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے