15 ہفتہ , دسمبر 2018

عوامي آواز نيوز|گورنمينٽ ڊگري ڪاليج جوهي ۾ شاگردن کي داخلائون نه ڏيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

گورنمينٽ ڊگري ڪاليج جوهي ۾ شاگردن کي داخلائون نه ڏيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

پرنسيپال سرور لغاري پاران ڪاليج ۾ شاگردن کي داخلائون نه ڏيڻ خلاف شاگرد مخدوم بلاول پارڪ کان هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي غلام مصطفيٰ رند، قاصد رند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهر جي مختلف رستن کان نعريبازي ڪندا نيشنل پريس ڪلب جوهي اڳيان ڌرڻو هڻي ويهي رهيا.

ان موقعي تي شاگردن ميڊيا اڳيان دانهيندي ٻڌايو ته ڊگري ڪاليج جوهي جو پرنسيپال سرور لغاري مختلف بهانا بڻائي شاگردن کي تنگ ڪري رهيو آهي ۽ ڪاليج ۾داخلائن لاءِ ايندڙ شاگردن کي ڊريس، ٽيوشن، داخلا، امتحاني فارمن سميت مختلف سوشل ايڪٽيوٽيز جي نالي تي اضافي پئسا طلب ڪيا پيا وڃن.

هنن الزام هڻندي چيو ته جوهي ڪاليج جي پرنسيپال سرور لغاري سياسي بنيادن تي گذريل ڏهن سالن کان قابض آهي جنهنڪري ڪاليج اندر سندس حڪم کان سواءِ ڪک به نه ٿو چري سگهي.

هنن سيڪريٽري تعليم عبدالعزيز عقيلي، تعليم واري صوبائي وزير مهتاب ڏهر ۽ سيشن جج دادو کان معاملي جو نوٽيس وٺي شاگرد دشمن پاليسيون ٺاهيندڙ پرنسيپال کي فوري طور تي هٽائڻ جو مطالبو ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ميرپورخاص : نيشنل سوشل اڪنامڪ رجسٽري جو آگاھي مھم سلسو جاري

ميرپورخاص  ۾ گورنمينٽ پا ڪستان پاران نيشنل سوشل ايڪانومڪ رجسٽري جو آگاھي مھم سلسو جاري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے