17 ہفتہ , نومبر 2018

بلوچستان جي سمورن سرڪاري ملازمن جي سڃاڻپ ڪارڊ جي تصديق جو فيصلو

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ): چيف سيڪريٽري بلوچستان اورنگزيب حق جي صدارت هيٺ سيڪريٽريز ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پي ايس ڊي پي بابت معاملن جو جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ اڪائونٽنٽ جنرل بلوچستان نصرالله جان، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر عمر بابر سميت سمورن انتظامي سيڪريٽريز شرڪت ڪئي، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري پي ايس ڊي پي بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته هلندڙ مالي سال ۾ ڪيتريون ئي جاري ۽ نيون اسڪيمون مڪمل ڪيون وينديون، موجوده بجيٽ ۾ تعليم، صحت، امن امان، شاهراهن جي تعمير سميت مختلف شعبن تي خاص ڌيان ڏنو ويو آهي، جنهن سان صوبي ۾ غير معمولي ترقي ٿيندي، اجلاس کي خطاب ڪندي چيف سيڪريٽري چيو ته سمورن کاتن کي فنڊز جي فراهمي ۽ ترقياتي اسڪيمن جي پي سي ون جي وقت سر تياري کي ممڪن بڻايو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ ڪا ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي، هن چيو ته صوبي جي سمورن سرڪاري ملازمن جي سڃاڻپ ڪارڊ جي تصديق نادرا کان ڪرائي وڃي، هن هدايت ڪئي ته سمورن کاتن ۾ ڀرتين جي عملي کي شفاف طريقي سان يقيني بڻايو وڃي ته جيئن اهل ماڻهن کي انهن جو حق ملي سگهي، چيف سيڪريٽري اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کي وقت جي پابندي ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے