15 جمعرات , نومبر 2018

ڪارڪنن خلاف ڪارروائي بند نه ڪئي وئي ته سول نافرماني ٿي سگهي ٿي: بي اين پي

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ): بلوچستان نيشنل پارٽي جي اڳواڻن چيو آهي ته ملڪي گهرو ۽ پرڏيهي پاليسي تي نظرثاني ڪرڻ جي ضرورت آهي، ادارن طرفان ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپا ۽ پارٽي اڳواڻن جي قانون کان مٿانهين قتل عام کي ڪنهن صورت ۾ برداشت نه ڪيو يوندو، اڻڄاتل ماڻهو دراصل اڻڄاتل ناهي، سڀني کي خبر آهي ته ڪير ڪنهن کي ماري رهيو آهي، جيڪڏهن هي ادارن پنهنجي پاليسي تبديل نه ڪئي ته خدشو آهي ته گهرو ويڙهه ۽ سول نافرماني تائين نوبت اچي سگهي ٿي، اها ڳالهه بلوچستان نيشنل پارٽي جي مرڪزي سينئر نائب صدر ملڪ عبدالولي ڪاڪڙ، پارٽي جي مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات آغا حسن ايڊووڪيٽ، بي اين پي ضلعي ڪوئيٽا جي صدر ۽ سينٽرل ڪميٽي جي ميمبر غلام نبي مري، مرڪزي هيومن رائيٽس سيڪريٽري موسيٰ بلوچ، بي ايس او جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل منير جالب بلوچ ۽ ٻين ڪوئيٽا پريس ڪلب ٻاهران بي اين پي اڳواڻ ملڪ ناصر شاهواڻي جي ٽارگيٽ ڪلنگ، خضدار ۾ پارٽي اڳواڻن تي حملي ۽ ڪوئيٽا ۾ پارٽي اڳواڻن جي گهرن تي ڇاپن خلاف احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي ڪئي، هنن چيو ته بلوچستان نيشنل پارٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي پهرين ڏينهن کان نشانو بڻايو پيو وڃي، 70 سالن کان اسان سراپا احتجاج آهيون، اسان جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جي ٽارگيٽ ڪلبنگ بعد رياست ۽ حڪومت ان کي اڻڄاتل ماڻهن جي فائرنگ جو نالو ڏئي ڇڏيندي اهي پر حڪمران دهشتگردي جي خاتمي ۽ دهشتگردن جي چيلهه ڀڃڻ جي نعرن کانسواءِ عملي طور تي دهشتگردن جي سر وڍڻ لاءِ ڪنهن قدم جا قدم نه کڻي رهيا آهن، هنن چيو ته بلوچستان ۾ جيڪا بدامني آهي ان ۾ پرڏيهي هٿ کان وڌيڪ آمرن جي دور ۾ پوکيل ٻج آهي، جنهن جو ڦل اسان اڄ تائين لڻي رهيا آهيون، هنن چيو ته بي اين پي هميشه بلوچستان جي ساحل ۽ وسيلن ۽ قومي حقن جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ هميشه جمهوري سياسي جدوجهد ڪئي آهي پر ان جي پٺيان اسان کي پنهنجي سوين اڳواڻن جي شهادت ملي آهي، حڪمران ۽ رياست اهو سمجهن ٿا ته اهي ڏنڊي جي زور تي اسان کي قومي حقن جي جدوجهد تان هٿ کڻائي وٺندا پر اها انهن جي غلط فهمي آهي، اسان پنهنجي شهيدن جي فخر ڪندا آهيون ۽ انهن کي خراج تحسين ۽ سرخ سلام پيش ڪندا آهيون ۽ اسان اها ڳالهه واضح ڪرڻ چاهيون ٿا ته نه اسان پهرين ڪڏهن نهنجي حقن جي جنگ تان هٿ کنيو آهي ۽ نه ئي آئنده ڪڏهن کڻنداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جي فراهمي پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے