16 جمعہ , نومبر 2018

ڪوئيٽا ۾ واقع پاڪستان اسٽيٽ آئل مان تيل چوري ٿيڻ جو انڪشاف

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ): ڪوئيٽا ۾ واقع پاڪستان اسٽيٽ آئل مان تيل چوري ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ايف آءِ اي ڇاپو هڻي پي ايس او ملازمن سميت 5 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، ايف آءِ اي ڪرائم سرڪل جي ڊپٽي ڊائريڪٽر رضوان اسلم جي سربراهي ۾ سروي 144 ويجهو واقع پي ايس او ڪوئيٽا جي آئل ڊپو تي ڇاپو هنيو، ان دوران ڪراچي مان تيل کڻي ڪوئيٽا ايندڙ آئل ٽينڪر ڊپو ۾ ٽينڪر خالي ڪري ڊپو کان ٻاهر نڪتو هيو، جڏهن ٽيڪنر کي چيڪ ڪيو ويو ته ٽينڪر کي مڪمل خالي نه ڪيو ويو هيو ۽ ان ۾ سوين ليٽر پيٽرول موجود هيو، آئل ٽينڪر کي قبضي ۾ وٺي ڊرائيور ۽ ٻئي نجي عملي کي پي ايس او جي اهلڪارن کي گرفتار ڪيو ويو، شروعاتي جاچ ۾ معلوم ٿيو آهي ته جوابدار ٽينڪر خالي ڪرڻ وقت تيل چوري ڪري ٻاهر وڪرو ڪندا هئا، ايف آءِ اي ريڪارڊ قبضي ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو رهندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ آهي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے