18 جمعرات , اکتوبر 2018

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ مينهن، موسم خوشگوار، بجلي بند

ڪراچي(ويب ڊسڪ) شهر جي مختلف علائقن ۾ مينهن وسڻ سبب موسم خوشگوا ٿي پيو. سخت گرمي ۽ حبس کان پوءِ ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ بونداباندي ۽ مينهن هڪ ڀيرو ٻيهر موسم کي خوشگوار بڻائي ڇڏيو.  گرمي جا ماريل ڪراچي جا شهري مينهن کان پوءِ روڊن تي نڪري آيا ۽ موسم جي تبديلي مان لطف اندوز ٿيا. گلشن حديد، ملير، گلشن اقبال، ايئرپورٽ، شاراهه قائدين، پٽيل پاڙي ۽ ٻين علائقن ۾ ٿيل مينهن عوام جا چهرا کلائي ڇڏيا. ٻئي پاسي مينهن جي چند بوندن ئي شهر جا 70 فيڊر ٽرپ ڪري ڇڏيا ۽ مختلف علائقن ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اڳوڻي صوبائي وزير ڄام خان شوري جي حفاظتي ضمانت منظور

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) نيب طرفان ڪرپشن جي الزام ۾ گرفتاري وارنٽ جاري ٿيڻ بعد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے