21 بدھ , نومبر 2018

پورا چار ڪروڙ پاڪستاني شگر جو شڪار: رپورٽ

ڪراچيويب ڊيسڪ)  ماهرن چيو آهي ته پاڪستان جي 20 ڪروڙ آبادي مان پورا 4 ڪروڙ ماڻهو شگر ۾ مبتلا آهن يعني تقريبن چوٿون حصو پاڪستان ان بيماري جو شڪار آهي. جڏهن ته هي پهرين نوعيت جو پهريون سروي آهي جنهن ۾وڏي پيماني تي ملڪ ۾ شگر جي مريضن جو انڪشاف ٿيو آهي. ان کا پهريان اهڙي سروي 20 سال پهريان يعني گذريل صدي ۾ ڪيو ويو هو. گذريل سال کان شروع ڪيل سروي ۾ عالمي اداري صحت پاران  اصولن تحت ساڍي 11 هزار ماڻهن جي ٽيسٽ ڪئي وئي جنهن ۾ 7.14 سيڪڙو ماڻهو اهڙا هئا، جنهن کي پاڻ کي خبر نه هئي ته اهي شگر جو شڪار آهن. ۽ انهن  کي پهريون ڀيرو خبر پئي ته هو خطرناڪ بيماري ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن جڏهن ته 19 سيڪڙو ماڻهو پهريان ڄاڻن ٿاته هو ان بيماري جو شڪار آهن. جاچ مان معلوم ٿيو آهي ته وڌيڪ 14 سيڪڙو پاڪستانيون کي جلدي شگر ٿيڻ جو خطرو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گرم پاڻي سان وهنجڻ شگر ۽ اندورني ساڙي ۾ گهٽتائي لاءِ بهترين

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ)گرم پاڻي سان وهنجڻ جان ڏينهن اچي ويا آهن ۽ ماهرن نئي تحقيق کان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے