20 منگل , نومبر 2018

نواز شريف جي صدارت هيٺ اجلاس، آرٽيڪل 62 ۽ 63 ۾ ترميم جو جائزو

لاهور(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ ڳالهين وارو اجلاس ٿيو جنهن ۾ آئين جي آرٽيڪل 62 ۽ 63 ۾ ترميم جو جائزو ورتو ويو. جاتي امرا ۾ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ ڳالهين وارو اجلاس ٿيو جنهن ۾ پرويز رشيد، خواجا سعد رفيق، خواجا حارث، راڻا مقبول، امجد پرويز ۽ زاهد حامد سميت نواز شريف جي قانوني ڳاليهن واري ٽيم شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ آئين جي آرٽيڪل 62 ۽ 63 ۾ ترميم جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ آئيني ترميم رڳو 62 ون ايف تائين محدود رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو، 62 ون ايف ۾ رڳو نااهلي جي مدت جو تعين ڪيو ويندو جڏهن ته شقن جي اسلامي روح کي ڪنهن صورت ۾ نه ڇيڙيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سي پيڪ ۾ گلگت بلتستان کي جائز حصو ناهي مليو: بلاول ڀٽو زرداري

هنزه(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سي پيڪ ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے