18 اتوار , نومبر 2018

منجهند جو ننڊ اچڻ جو سبب کاڌو نه پر دماغ آهي: نئين تحقيق

سڊني( ويب ڊيسڪ ) نئين تحقيق مان ثابت ٿي ويو آهي ته منجهند جو ننڊ اچڻ جو سبب کاڌو نه پر دماغ آهي. سوئنر برن يونيورسٽي آف ٽيڪنالوجي، آسٽريليا ۾ اعصابي ماهرن جي هڪ ٽيم جو پتو لڳايو آهي ته ڏينهن جو منجهند جو 2 وڳي جي لڳ ڀڳ اسان جو دماغ انتها سست ٿي ويندو آهي. تحقيق موجب دماغ ۾ پيدا ٿيندڙ سستي ۽ ڪاهلي ڪنهن کاڌي جو نتيجو ناهي پر ان جو سبب قدرتي حياتياتي گهڙي بايو لاجيڪل ڪلاڪ آهي جيڪو اسان جي سمهڻ ۽ جاڳڻ جي سمورن معمولن کي ڪنٽرول ڪندو آهي. اهڙي نظام سبب اسان ڏينهن ۾ جاڳندا رهندا آهيون ۽ رات جو سمهندا آهيون، صبح جو ناشتو ڪري چاق ۽ چوبند محسوس ڪندا آهيون ۽ رات جو کاڌي بعد اسان کي پاڻ ئي ننڊ اچي ويندي آهي. تحقيق موجب دماغ ۾ هيٺين سطح تي موجود هڪ حصي پيوٽامن ۾ ٿيندڙ سرگرمين جو تفصيلي جائزو وٺڻ بعد ماهرن تي انڪشاف ٿيو ته هتي موجود اهڙا علائقا جن جو تعلق فيصلي ڪرڻ، سکڻ، ڌيان ڇڪائڻ ۽ اهڙن ئي ٻين ڪمن سان آهي، اهڙن سمورن علائقن ۾ مجموعي طور تي تقريبن ٻپهريءَ جو 2 وڳي سرگرميون گهٽ هونديون آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪافي پيئڻ سان توانائي ۾ اضافو ٿيندو آهي: تحقيق

اوٽاوا(ويب ڊيسڪ) ماهرن چيو آهي ته ڪافي پيئڻ سان نه صرف انسان جي توانائي ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے