16 منگل , اکتوبر 2018

 قندوز اسپتال تي بمباري، آمريڪي فوجين کي انتظامي سزائون، واقعو ڪو  ڏوه  نه هو : پينٽاگون

download (15)واشنگٽن (م ڊ)  آمريڪي دفاع واري کاتي چيو آهي ته افغان شهر قندوز ۾ عالمي امدادي تنظيم جي اسپتال تي آمريڪي فوج جي بمباري جنگي ڏوه نه هو. برطانوي نشرياتي اداري موجب آمريڪي سينٽريل ڪمانڊ جي جنرل جوزف ووٽل بمباري جي واقعي جي جاچ ۾ 16 آمريڪي فوجين کي انتظامي سزائون ڏيڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته اهو حملو انساني ۽ ٽيڪنيڪي غلطين سبب پيش آيو آهي . هن چيو ته اها غلطي غير ارادي هئي .۽ اهو جنگي ڏوه جي دائري ۾ نٿي اچي . جنرل جوزف اسپتال تي بمباري جي واقعي جي جاچ ڪرڻ بابت ٻڌايو ته ڪيترن ڏينهن کان جاري ويڙه سبب عملو ٿڪجي پيو هو .ان کان پوءَ ضروري معلومات کان سواءَ  منصوبا بندي ڪئي وئي . جاچ مان خبر پئي ته ان واقعي ۾ انساني غلطي ۽، طريقيڪار ۾ غلطي،اوزارن جو ڪم نه ڪرڻ جهڙا گڏيل معاملا پيش آيا . جنهن ۾ اهلڪارن کي خبر نه پئي ته هو اسپتال کي نشانو بڻائي رهيا آهن . هن وڌيڪ چيو حقيقت ۾ اهو غير ارادي هو ۽ ڄاڻي واڻي  ڪيل جنگي ڏوه نه هو . واضع رهي ته گذريل سال آڪٽوبر ۾ ميڊيسيز سائنز فرنٽيئرز جي اسپتال تي ٿيندڙ بمباري ۾ ايم ايس ايف جي عملي سميت 42 ماڻهو مارجي ويا هئا .

هي به ڏسي سگهو ٿا

برطانوي شهزادي هيري ۽ ميگهن مارڪل جي گهر ايندڙ سال پهرين ٻار جي آمد جو امڪان

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانوي شهزادي هيري ۽ ميگهن مارڪل جي گهر 2019 ۾ پهرين ٻار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے