16 منگل , اکتوبر 2018

اليڪشن ڪميشن ۾ عائشه گلائي خلاف ريفرنس جي ٻڌڻي، باغي اڳواڻ طرفان وڪيل کان خدمتون وٺڻ لاءِ مهلت

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن ۾ عائشه گلالئي خلاف ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي، تحريڪ انصاف جي باغي اڳواڻ قومي اسيمبلي جي ميمبر وڪيل کان خدمتون وٺڻ لاءِ مهلت گهري ورتي. اليڪشن ڪميشن ۾ عائشه گلالئي کي ڊي سيٽ ڪرڻ بابت ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي، اليڪشن ڪميشن عائشه گلالئي کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان کي پارٽي طرفان شوڪاز نوٽس مليو آهي جنهن تي عائشه گلائي واب ڏنو ته جي مون کي پارٽي طرفان شوڪاز نوٽس مليو آهي پر مون کي وڪيل کان خدمتون وٺڻ جي مهلت ڏني وڃي جنهن تي اليڪشن ڪميشن ٻڌڻي 19 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

صحافين، ايڊيٽرن ۽ ميڊيا جي شعبن سان لاڳاپيل ڪارڪنن جي فوري مدد لاءِ سي پي اين اِي جي هيلپ لائن جو افتتاح

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اِي) پاران صحافين، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے