20 منگل , نومبر 2018

عوامي آواز:سنڌ جي پسمنظر ۾ ڪراچي جو مقدمو | پروگرام: ليڪچر| ميزبان ڊاڪٽر جبار خٽڪ

ڪراچي(رپورٽ: علي نقرچ ) تعليم کاتي ۾ چيف مانيٽرنگ آفيسرن جي سليڪشن ۽ پوسٽنگ لاءِ نوان قائدا ۽ ضابطا لاڳو ڪري ڇڏيا، نوٽيفڪيشن جاري، تعليم کاتي جي اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ ۾ چيف مانيٽرنگ آفيسرن جي سليڪشن ۽ مقررين لاءِ نوان شرط لاڳو ڪري ڇڏيا آهن، جنهن تحت او ايم جي ۽ پي سي ايس آفيسر هجڻ سان گڏ سندن عمر 45 سال هجي، ڊرافٽنگ  ۽ انگريزي ۾ رپورٽ لکڻ ۾ مهارت، متاثر ڪندڙ بريفنگ ۽ ڪميونيڪيشن جي مهارت، ڪمپيوٽر کان واقف، ايم ايس آفيس، سافٽ ويئر، نيٽ ورڪنگ، ۽ ٻيون مهارتون، ايڊيشنل چارج نه رکندڙ هجي جڏهن ته  سليڪشن جو به طريقيڪار ڏنو ويو آهي، جنهن تحت او ايم جي ۽ پي سي ايس آفيسرن کي اشتهار ڏئي کنيو ويندو، آفيسر اشتهار تحت درخواست ڏئي سگهندا،   چيف مانيٽرنگ آفيسر پڻ درخواست ڏيڻ جي اهل هوندا، پر انهن کي اهليت ثابت ڪرڻي پوندي، انهن کي ڊرافٽنگ ۽ رپورٽ لکڻ سميت ڪمپيوٽر ۾ 80 سيڪڙو مارڪون کڻڻيون پونديون، ان کانسواءِ تعليم کاتي جي صوبائي وزير جي سربراهي ۾ بااختيار بورڊ جنهن ۾ سيڪريٽري ۽ ڊي جي ميمبر هوندا، ان ۾ اميدوار کي 20 سيڪڙو مارڪون کڻڻيون پونديون.029

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : اسلام آباد: پي ايس ايل چوٿين ايڊيشن جي ڊرافٽنگ تقريب

پاڪستان سپر ليگ جي چوٿين ايڊيشن لاءِ رانديگرن جي ڊرافٽنگ جي تقريب اسلام آباد ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے