23 منگل , اکتوبر 2018

طلاقن جي وڌندڙ شرح

حنيف سوڍر

                                                 دنيا جي مختلف خطن تي رهائش پزير مختلف قومن ۾ ڪجهه اهڙا طاقتور گروهه ضرور رهيا آهن, جن تخت کي ماڻڻ کان پوءِ ان خطي ۽ سماجي زندگيءَ جي وارثي ڪئي آهي. انساني تاريخ ۾ اهڙو سلسلو هڪ گروهه مان نڪري ٻئي گروهه ڏانهن منتقل ٿيندو رهيو آهي. ارتقا جي ان سفر، مرحلن ۽ لاهن چاڙهن ۾ مختلف دورن جون حڪومتون تنهن ورثي جي وجودن ۾ دائري اندر اچي وڃن ٿيون. اهڙي ريت اهو هڪ اڻ کٽ سلسلو اڳتي روان ڌوان آهي.

موجوده دور ۾ ڏٺو وڃي ته هڪ پاسي پرنٽ، اليڪٽرڪ ۽ سوشل ميڊيا جهڙين سهوليتن ڪري دنيا هڪ ڳوٺ (Global Village) جو روپ اختيار ڪري چڪي آهي، ته وري ٻئي پاسي آزادي جي نالي مهذب ريتن رسمن بجاءِ غير انساني، پسمانده سوچن ۽ فحاشي قسم جي روش کي هٿي ملندي پئي وڃي. ايئن سماجي آزادي متاثر ٿيڻ ڪري انساني سڀيتائن جون گردنون جهڪڻ لڳيون آهن. جنهن سبب تيزي سان سنڌ جي عظيم تهذيب ۽ ثقافت به متاثر ٿي رهي آهي. اهو ئي سبب آهي جو هن ترقي يافته دور ۾ جيئن پوءِ تيئن انسان انسانيت جي آپي مان نڪرندو پيو وڃي. محبت نفرت ۾، شرافت بدمعاشي ۾، امانت خيانت ۾، عبادت فحاشي قسم جي ساز ۽ سرود ۾، عدالت ظلم ۾، صداقت فريب ۾، ادب ۽ احترام بي ادبي ۾ ۽ رحمدلي بي حيائيءَ ۾ جيتري تيزيءَ سان تبديل ٿيندي پئي وڃي، اوترو ئي تيز ماڻهن مان ماڻهپو موڪلائيندو پيو وڃي. ايئن هوريان هوريان انسان جي علم ۽ دانش جي صلاحيتن مٿان حيوانيت واريون جبلتون ايتريقدر ديرو دمائڻ لڳيون آهن. جو هاڻي انسان کي ازدواجي زندگي واقعي ڪنهن قيد خاني جيان لڳي رهي آهي يا انسان مان خاندان، حب الوطني، تهذيب ۽ ثقافتن سان محبت ڪرڻ وارن انهن جذبن جيڪي حياتياتي ۽ تخليقي ڪاميابي لاءِ نهايت ضروري هوندا آهن، جي جاءِ هاڻي مال، لالچ ۽ دولت جي حوس هئڻ ڪري انا واريون خواهشون والاري رهيون آهن؟ جو انسان مان قوت برداشت ۽ مهذب پڻو ختم ٿيندو پيو وڃي جن جي ڪک مان غير انساني لاڙا جنمي رهيا آهن. زال ۽ مڙس جي فطري تعلقاتن کي خوشگوار بڻائڻ بجاءِ زوال طرف وٺي ويندڙ راهون تخليق ڪرڻ مان ڇا مراد آهي؟ آخر دنيا ۾ ڏينهون ڏينهن وڌندڙ طلاقن جي شرح ڇا ٿي ثابت ڪري؟ نيٺ اهڙي قسم جي خرابين جو تدراڪ ڪجي ته ڪيئن ٿو ڪري سگهجي؟

اها حقيقت آهي ته ماضي ۾ مرد جڏهن چاهيو تڏهن عورت کان ڪنهن نه ڪنهن بهاني پنهنجي منشا موجب علحدگي حاصل ضرور ڪئي آهي. ليڪن جڏهن کان عورتن ۾ سجاڳي آئي ۽ هنن ناانصافين خلاف گڏجي آواز اٿاريو. عملي طور تي هنن جفاڪش ۽ جدوجهد ڪندي طويل تحريڪون هلايون تڏهن کان کين وڌيڪ حق ملڻ لڳا ۽ ساڻن انصاف ٿيڻ لڳو ته هنن مردن کان طلاق حاصل ڪرڻ وارن مطالبن جو هڪ اڻ ٽٽ سلسلو شروع ڪري ڏنو. ويجهي تاريخ ۾ به اهڙا ڪيئي مثال موجود آهن. ڏٺو وڃي ته گهڻي ڀاڱي عورتن ئي طلاق حاصل ڪرڻ لاءِ مطالبا ڪيا آهن. جنهن مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته ازدواجي زندگي ۾ گهڻي عرصي کان عورت مرد جي قيد ۾ غلامن جيان زندگي بسر ڪندي وڌيڪ عذاب ڀوڳڻ نه ٿي چاهيو. هنن قيد خاني مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ طلاق کي مقصد بڻائي مطالبا ڪرڻ لڳيون.

ان ڳالهه کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ته انسان جي پڌرنامي موجب هر انسان آزاد ڄائو آهي، تنهن ڪري سماجي آزادي ۽ خوش رهڻ ان جو بنيادي حق آهي، پر اسان کي اهو هرگز نه وسارڻ گهرجي ته ورثي ۾ مليل تهذيبون، ثقافتي ريتون ۽ رسمون جيڪو خاندان ڄاڻي واڻي وساري يا بي حيائي ۽ بي حجابيءَ کي جديديت سان تشبيهه ڏيندي عملي طور تي کري وڃي ٿو، ته يقينن اهو سماج کي سنوارڻ بجاءِ بگاڙيندڙ ثابت ٿئي ٿو. سندس ڪم ظرفي جو دائرو وسيع ٿيندو انساني سڀيتائن جي روح روان ثقافتن، تمدن ۽ تهذيبن جي قافلي کي اڳتي وڌائيندڙ مهذب پڻي وارين سمورين ريتن ۽ رسمن کي جيئن پوءِ تيئن پنهنجي لپيٽ ۾ آڻيندو ڦهلجندو ويندو آهي. جنهن سان ثقافتي ورثو ۽ مهذب پڻو انسان جي خانداني ڊانچي جي وجود مان وڃائجي وڃي ٿو ۽ اهو پنهنجي مفادن خاطر تخليق ڪرڻ بجاءِ تباهي مچائيندڙ ثابت ٿئي ٿو.

لنڊن، آمريڪا ۽ برطانيه ۾ ازدواجي رشتن وچ ۾ علحدگي ٿيڻ واري واقعن کي خوشگوار رنگ روپ ڏنو وڃي ٿو. جدا ٿيڻ کان اڳ جوڙو آخري سيلفي ڪڍي خوشيءَ وچان هڪ ٻئي کان جدا ٿي رهيو آهي. اڪثر عدالت ٻاهران طلاق جا ڪاغذ هٿن ۾ ڏيکاريندي سيلفيون ڪڍي سوشل ميڊيا تي پوسٽ شيئر ڪري نئون رجحان وڌائي رهيا آهن. ماهرن مطابق ته سوشل ميڊيا تي اهڙي قسم جي پوسٽ اهو ميسيج ڏئي رهي آهي ته طلاق هڪ تمام وڏو ۽ مشڪل فيصلو هوندو آهي، جنهن جو نفسياتي ۽ جسماني منفي اثر پوندو آهي، پر هاڻي زندگي بهترين طريقي سان گذارڻ لاءِ ان رجحان جو فائدو ملندو ۽ ماڻهو هڪ ٻئي کان خوشي سان علحيدگي حاصل ڪندا. شادي جي معامرن ۾ برطانيه جو قانون ان اميدن تي آهي، ته شادي شده جوڙو سڄي عمر رشتو نڀائيندو. پر جيڪڏهن علحدگي جو وقت آيو ته کين ان جو سبب ثابت ڪرڻو پوندو ته ڪير بي وفائي ڪري رهيو آهي. ٻيو ته اتي طلاق جا خرچ زياده آهن جنهن ڪري زال مڙس ٻئي خرچن کي مدِ نظر رکڻ کان پوءِ سوچي سمجهي قانونن فيصلو ڪرڻو پوندو آهي. اتان جو قانون اهڙن معاملن کي سلجهائڻ لاءِ وڪيل جو بندوبست ڪرڻ ۾ ساڻن مددگار هجي ٿو، ته جيئن ڳالهين ذريعي ٻنهي کي راضي ڪري مسئلو حل ڪيو وڃي. ان لاءِ خاص فيس مقرر ٿيل هوندي آهي.

حيرت جوڳي ڳالهه اها آهي ته مغربي ملڪن وانگر اهڙي قسم جون طلاقون هاڻي سعودي عرب جهڙي قدامت پسند ملڪ اندر ٿي رهيون آهن. توڙي جو مسلم معاشري ۾ طلاق کي خراب ۽ غلط عمل تصور ڪيو ويندو آهي. سعودي عرب دنيا ۾ وڌيڪ طلاقن جي شرح رکندڙ وارن ملڪن ۾ شامل آهي. ڏينهون ڏينهن معمولي ڳالهين تان زال مڙس وچ ۾ جهيڙن ۽ طلاق جي واقعن ۾ بي پناهه اضافو ٿي رهيو آهي. عرب ميڊيا رپورٽ موجب ماضيءَ ۾ هني_مون دوران سعودي شهري پنهنجي گهرواري کي پائل پائڻ تي طلاق ڏئي ڇڏي هئي. جيڪا ڳالهه کيس پسند نه هئي. تازو معمولي ڳالهه تي ڪجهه ڏينهن اڳ طلاق جو واقعو پيش آيو. مڙس گهرواريءَ کي پاڻ کان اڳيان هلڻ تي طلاق ڏئي ڇڏي. رياض مانيٽرنگ ڊيسڪ موجب عورتون طلاق جهڙي ڏکوئيندڙ واقعي تي ڏکارو ٿيڻ بجاءِ خوشيءَ مان جشن ملهائڻ جو بندوبست ڪن ٿيون. گذريل ڪجهه سالن کان منعقد ڪيل اهڙين تقريبن جا مثال سامهون آيا آهن، جن کي هاڻي ”طلاق پارٽي“ نالي ڄاتو وڃي ٿو. مهمانن کي طلاق پارٽي نالي دعوت ناما ڏنا ويندا آهن. طلاق پارٽي ۾ مٺايون، ڪيڪ ۽ عمده کاڌي پيتي جي شين جو انتظام ڪيو ويندو آهي. بلڪل ايئن جيئن شاديءَ جي خوشي ۾ پارٽي منعقد ڪئي ويندي آهي. متعلقه خاتون پنهنجي طلاق پارٽي ۾ اڪثر اڇي رنگ جو جهجهو لباس اوڙهي شريڪ ٿيندي آهي. اهڙيون پارٽيون نه صرف گهرن پر شادي هالن ۾ به منعقد ڪيون وينديون آهن. وزارت انصاف موجب جدي جهڙي شهر ۾ طلاقن جي شرح 50 سيڪڙو کان مٿي ٿي چڪي آهي. طلاقن جي وڌندڙ رجحانن تي قابو پائڻ لاءِ سعودي محڪمه خانداني بهبود پاران نوجوان جوڙن لاءِ عنقريب شادي ڪورس جو آغاز ڪرڻ جو اظهار ڪيو ويو آهي.

ان ڳالهه کان به انڪار نٿو ڪري سگهجي ته ماڻهو تماڪ ڇڪڻ، شراب واپرائڻ ۽ موبائل فون خريد ڪرڻ يا فضول ڪمن تي ڪيتري رقم خرچ ڪندا آهن، پر پنهنجي خاندان جي ڀاتين جي عزت محفوظ رکڻ لاءِ ٽوائليٽ ناهن ٺهرائيندا. پٺ تي پيل اهڙا علائقا آهن جتي عورتن کي ضروري حاجت لاءِ سج لهڻ جو انتظار ڪرڻو پوندو آهي، جيڪو عورتن کي اذيت ڏيڻ کانسواءِ انهن جي توهين جي برابر آهي. ممبئي هڪ خانگي ٽي وي چئنل مطابق ڀارتي رياست راجسٿان ۾ شادي ڪندڙ عورت ساهرن جي گهر ۾ ٽوائليٽ نه هئڻ تي فيملي ڪورٽ ۾ طلاق لاءِ درخواست درج ڪرائي هئي. ٻن سالن جي عرصي بعد عدالت ان عورت جي حق ۾ فيصلو ٻڌايو گهر ۾ ٽوائليٽ هئڻ انتهائي ضروري آهي.

طلاق حاصل ڪرڻ جو رجحان نه صرف لنڊن، ڀارت، برطانيه، آمريڪا، سعودي عرب پر اسلام جي قلعي پاڪستان ۾ به تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي. مذهبي، سياسي ۽ سماجي واقعن جي عدد جي شمار فراهم ڪرڻ واري ايجنسي پاران ميڊيا وسيلي خصوصي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو ته گذريل 10 سالن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان اندر طلاق جي شرح ۾ 21 فيصد اضافو ٿيو آهي. جڏهن ته 9 فيصد پڙهيل لکيل عورتون گهرو تشدد جو شڪار آهن. گهريلو تشدد جي حوالي سان تازي رپورٽ مطابق پاڪستان ۾ 92 سيڪڙو عورتون گهريلو تشدد جو شڪار آهن. خاندان جي عزت، وقار ۽ غيرت جي نالي هيٺ ڪيترين ئي عورتن ۽ نوجوان نينگرين کي قتل ڪيو ويو آهي. مڙسن جي بدسلوڪي ۽ ازدواجي زندگيءَ ۾ تلخين سبب عورتون طلاق وٺڻ تي مجبور آهن. ڪيتريون ئي عورتون طلاق حاصل ڪري چڪيون آهن. جيڪر ڪنهن مظلوم کي طلاق حاصل ڪرڻي پوي ٿي ته عدالتن جون طويل ڪارروائيون پر اثر ثابت ٿين ٿيون. سنڌ ۽ بلوچستان ۾ اڪثر طلاق جي مطالبن تي عورتن کي مارڻ جا واقعا سامهون ايندا رهيا آهن. جن کي گهڻي ڀاڱي خودڪشيءَ جو رنگ ڏنو وڃي ٿو. پاڪستان جي خوشحال ۽ ترقي يافته صوبي پنجاب ۾ هر پنجين عورت نشئي مڙس جي تشدد کان تنگ آهي. پنجاب جي دارلحڪومت لاهور ۾ گذريل ڇهن مهينن ۾ لڳ ڀڳ چار هزار عورتن پنهنجي مڙسن کان طلاق حاصل ڪرڻ لاءِ عدالتن ڏانهن رخ ڪيو آهي. جيڪي علحدگي اختيار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيون آهن. اهڙو انگ گذريل سالن جي مقابلي ۾ زياده آهي. ملڪ ڀر ۾ طلاق جي حوالي سان صوبو پنجاب پهرئين ۽ صوبو سنڌ ٻئين نمبر تي آهي، بلوچستان، خيبر پختون خواه، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ترتيبوار ٽئين، چوٿين ۽ پنجين نمبر تي آهن.

شادي کان پوءِ ڪنهن غير سان جنسي تعلقات قائم ڪرڻ اخلاقي طور ڏوهه آهي. اهڙي ڏوهه جو ڏوهاري سخت سزا لائق آهي پوءِ چاهي اهو ماڻهو ڪهڙي به طبقي سان واسطيدار هجي. اهڙي قسم جي ناجائز تعلقاتن ڪري سماج ۾ نه صرف طلاقن جا واقعا وڌندا پر ٻارن تي اثر انداز ٿيندا آهن. جنهن سان ٻار احساس ڪمتري جو شڪار ٿيندا آهن. معاشري ۾ اڪثر اهڙيون عورتون به هونديون آهن جيڪي شادي کان پوءِ ٻارن کان بيزاري جو اظهار ڪنديون آهن نتيجتن نيٺ طلاق جون خواهشمند ٿينديون آهن. اهڙين عورتن کي جدا رهڻ جو حق ڏنو وڃي. ليڪن انهن کي  اهو نه وسارڻ گهرجي ته وقت کي قابو ۾ نٿو پائي سگهجي. هر ماڻهو کي پيرسني ۾ سهاري جي طلب ضرور ٿيندي آهي جيڪو اولاد کانسواءِ وفادار ۽ مخلص ڪو ٻيو رشتو نٿو ٿي سگهي. تنهن ڪري اهو چئي سگهجي تو ته ازدواجي زندگي ڪائنات ۾ بهار مثل آهي. جنهن سان انسانيت جو روحاني ورثو سلامت ۽ ارتقا پزير هجي ٿو. جنهن جو دامن پڪڙڻ سان نه صرف عظيم رشتا قائم دائم رهن ٿا پر اهڙي ريت ماڻهپو ۽ گهريلو امن امان پڻ برقرار رهي ٿو. زال مڙس هڪ ٻئي جا جيون ساٿي غمخوار ۽ مددگار هوندا آهن جنهن ڪري اهو رشتو هن دنيا ۾ عظيم رشتو آهي. جنهن کي منظم ۽ خوشگوار رکڻ سان پڙهيل لکيل، ترقي پسند ۽ روشن خيال آئيڊيل خاندان جنم وٺندو. پر افسوس جو وقت جي وير مان اهڙين تباهي طرف وٺي ويندڙ روايتن، ريتن ۽ رسمن جنم ورتو آهي، جنهن کي جديد دور سڏيو ٿو وڃي. هڪ پل لئه اهو وساري ويهندا آهيون ته اهڙي جديديت مهذب لاڙن بجاءِ غير انساني لاڙن کي پيدا ڪري ٿي. ليڪن پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت جي بقا لاءِ اهڙين تباهه ڪندڙ روايتن جي تلقين ڪرڻ پنهنجي هٿ وس آهي، انهن کي پاڻ تي ڀاڙڻ بجاءِ ڌڪي ڇڏجي. جيڪڏهن اسين واقعي زوال ڏانهن پير پائڻ نٿا گهرون ته اسان کي ازدواجي رشتن سان گڏ زندگي ۾ پاڻ سان سلهاڙيل ٻين عزيز رشتن کي به هميشه منظم ۽ خوشگوار رکڻ کپي ۽ ٻارن جي بهتر نشوونما ڪجي جيڪا سماج، تهذيب ۽ ثقافتي ريتن ۽ رسمن لاءِ ڪارائتي ثابت ٿئي ٿي. دنيا جي عظيم تهذيبن جو مقصد ئي اهو آهي ته قدرت طرفان انسان کي عطا ڪيل هڪ ٻئي سان محبتن، پيار ۽ پاٻوهه ڪرڻ وارين جبلتن کي ايترو ته وسيع ۽ طاقتور بڻائجي جو حيواني جبلتون مٽجي ختم ٿيڻ لڳن ۽ دنيا ۾ مڪمل ماڻهپو برقرار رهي. اهڙي طرح ذهني ۽ جسماني صلاحيت ۽ قابليت کي اجاگر ڪجي جو آس پاس ۾ رهندڙ ماڻهن لاءِ نصيحت آموز سبق هجي. جيڪو ترقي، ڪاميابي ۽ بلند اخلاقيءَ جو پهريون ڏاڪو هوندو آهي، جنهن سان قوت برداشت ۽ خود اعتمادي پيدا ٿيندي آهي. اهڙيون صلاحيتي تخليقون تهذيب جي ارتقا لاءِ خاص اهميت رکن ٿيون. ذاتي خواهشن جو ڪو وجود ناهي هوندو اهي صرف وقتائتي ۽ فضول ثابت ٿينديون آهن. تنهن ڪري انهن کي پنهنجي دل ۽ دماغن مان ڪڍي ڇڏڻ گهرجن. ڪنهن به معاشري جون حالتون ڪيتريون به خراب ڇو نه هجن، پر جي ان ۾ هڪ خوشگوار ازدواجي زندگي گهاريندڙ آئيڊيل خاندان جيڪو نه صرف پاڻ ۽ پنهنجو نسل سنواريندڙ هجي ٿو پر سماج کي به سنواري وٺي ٿو، جي موجودگي سماج تي مثبت اثر وجهي سگهي ٿي.

دنيا جي ڪا به عورت شادي کان پوءِ علحدگي ڪرڻ جي خواهشمند ناهي رهندي، خصوصن سنڌي سماج جي. بشرطيڪ؛ ان کي برابري جو مقام ڏنو وڃي ۽ کيس سماجي ۽ ازدواجي حق ڏنا وڃن. انساني آئين هر انسان کي برابر جا حق مهيا ڪري ٿو. ان لاءِ نياڻين جي راءِ کي اهميت ڏيڻ مرد جو فرض بڻجي ٿو. هڪ آئيڊيل خاندان سان لاڳاپيل ڇوڪريون يا ڇوڪرا غلط ۽ صحيح جي ڄاڻ رکن ٿا ۽ هو اهڙو ڪڌو قدم نه کڻندا جنهن سان سندن خاندان جي عزت ۽ وقار تي داغ لڳي. تنهن جي باوجود جيڪڏهن ڪا ڇوڪري پنهنجي والدين آڏو پنهنجي پسند ۽ نا پسند جو اظهار ڪري ٿي ته ان کي خراب نظرن بجاءِ سنجيدگيءَ سان ڏٺو ۽ ٻڌو وڃي ۽ اهڙن مامرن کي حل ڪرڻ لاءِ ساڃاهوندي سوچ ويچار ڪرڻ کان پوءِ اعتبار جوڳا فيصلا ڪيا وڃن. ڇو جو مذهب ۽ قانون شادي جي مامري ۾ مڪمل راءِ ڏيڻ جو حق ڏنو آهي. تنهن جي باوجود به جيڪر سماج ۾ کين بدچلن جو لقب ڏنو وڃي، يا ساڻن بدسلوڪي ڪئي وڃي ته پوءِ يقينن بغاوت فطري عمل آهي.

[email protected]

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

هڪ بهترين سگهڙ ميان پير بخش پيرل مڱريو :مهتاب علي مڱريو 

  سگهڙ فقير ميان پير بخش (پيرل) مڱريو سنڌ جو صف اول جو ڀلوڙ سگهڙ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے