15 جمعرات , نومبر 2018

عدليه جو انتظامي معاملن ۾ ٽپي پوڻ

عبدالجبار پيرزادو

هونئن ته ڪنهن به صوبي ۾ آءِ جي پوليس مقرر ڪرڻ وفاق جو اختيار آهي، پر ان سان گڏوگڏ صوبي جو عمل دخل به شامل هوندو آهي، جنهن موجب صوبي طرفان تجويز ڪيل 3 مان ڪو هڪ نالو وفاق کي چونڊڻو هوندو آهي، جنهن تحت آءِ جي پوليس مقرر ڪيو ويندو آهي، انهيءَ دوران ڪنهن به موقعي تي جيڪڏهن صوبي کي وفاق طرفان مقرر ڪيل آءِ جي تي ڪو جوڳو اعتراض ٿئي ٿو ته صوبي کي حق هئڻ گهرجي ته ان کي هٽائي سگهي يا هٽائڻ لاءِ وفاق سان لهه وچڙ ڪري سگهي. اهڙي ئي صورتحال اڄ ڪلهه سنڌ صوبي ۾ هلي رهي آهي، سنڌ حڪومت طرفان اڻبڻت تان هٽايل آءِ جي سنڌ پوليس اي ڊي خواجا کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪم جاري رکڻ لاءِ چيو ويو آهي، جڏهن ته صوبائي حڪومت جو موقف آهي ته هو آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا جي ڪارڪردگيءَ مان مطمئين نه آهن، جنهن سبب اهي آءِ جي سنڌ کي هٽائڻ چاهين ٿا، تازو ئي سنڌ هاءِ ڪورٽ اي ڊي خواجا کي هٽائڻ وارو سنڌ سرڪار جو نوٽيفڪيشن رد ڪندي حڪومت طرفان ختم ڪيل سندس سمورا اختيار بحال ڪري ڇڏيا آهن، سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چوڻ هيو ته آءِ جي کي وفاق ئي هٽائي سگهي ٿو، صوبو رڳو سفارش ڪندو، فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته صوبائي پوليس سربراهه جو مدو 5 سال آهي جنهن کي ٽن ورهين کان اڳ نه ٿو هٽائي سگهجي، حڪومت اهڙن اختيارن ۾ مداخلت نه ٿي ڪري سگهي، هوڏانهن ان ئي معاملي تي صوبائي اقتدار ۾ ويٺل پيپلز پارٽي جو موقف آهي ته اي ڊي خواجا کي رکڻ يا نه رکڻ جو اختيار سنڌ حڪومت جو آهي، آءِ جي جي مقرري وقت ته ڪنهن به ان عملي کي نه ساراهيو، هاڻي ان کي هٽائڻ جي معاملي تي نه ڄاڻ ڇو گوڙ ڪيو پيو وڃي، بهرحال معاملو ڪهڙو به هجي، اهو وفاق ۽ صوبي وچ ۾ ڪليئر ٿي وڃڻ گهرجي، ان کي عدليه جي حڪم جو محتاج نه هئڻ گهرجي، جيڪڏهن اها روايت پئجي وئي ته پوءِ ڪو به حڪومتي ڪم عدالتي اجازت کانسواءِ نه ٿي سگهندو ۽ اهو عمل ڪنهن به صورت ۾ جمهوريت لاءِ فائديمند ثابت نه ٿيندو، ان جو تازو ئي مثال عدالت طرفان چونڊيل وزيراعظم کي هٽائڻ آهي، اهو ئي سلسلو هلندو رهيو ته ملڪ ۾ هلندڙ ڪمزور ترين جمهوريت ڪڏهن به وڌي ويجهي نه سگهندي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے