19 پیر , نومبر 2018

لاهور هاءِ ڪورٽ ڪلثوم نواز خلاف درخواستون رد ڪري ڇڏيون

لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ اين اي 120 ۾ مسلم ليگ ن جي اميدوار ڪلثوم نواز جي خلاف درخواستون رد ڪري ڇڏيون. اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي نااهلي کان پوءِ خالي ٿيل قومي اسيمبلي جي سيٽ اين اي 120 تي ننڍي چونڊ 17 سيپٽمبر تي ٿيندي جنهن لاءِ مسلم ليگ ن ڪلثوم نواز کي اميدوار نامزد ڪيو آهي ۽ تحريڪ انصاف طرفان ياسمين راشد اميدوار آهي جڏهن ته پيپلز پارٽي فيصل مير کي ميدان ۾ لاٿو آهي. ڪلثوم نواز جي نامزدگي وارن ڪاغذن تي تحريڪ انصاف، عوامي تحريڪ ۽ پيپلز پارٽي جي اميدوارن اعتراض داخل ڪرايا هئا جنهن کي ريٽرننگ آيسر رد ڪري ڇڏيو هو. اين اي 120 مان پيپلز پارٽي جي اميدوار فيصل مير ۽ ٻين ريٽرننگ آفيسر جي خلاف فيصلي کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪندي ڪلثوم نواز خلاف درخواستون داخل ڪيون هيون جنهن ۾ موقف ورتو ويو ويو هو ته ڪلثوم نواز نامزدگي وارن ڪاغذن ۾ اقامو ۽ ٻيا تفصيل ظاهر ناهن ڪيا جڏهن ته ريٽرننگ آفيسر حقيقت جي برعڪس سندس نامزدگي وارا ڪاغذ منظور ڪيا. لاهور هاءِ ڪورٽ درخواست تي ٻڌڻي لاءِ 3 رڪني فل بينچ جوڙي ڇڏي آهي جنهن ۾ جسٽس امين الدين خان، جسٽس شاهد جميل ۽ جسٽس عبدالرحمان شامل هئا. 3 رڪني فل بينچ جي 2 ججن ڪلثوم نواز خلاف درخواستن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ناپاڪ دشمن جي عزم کي خاڪ ۾ ملائيندا رهنداسين: ليفٽيننٽ جنرل عاصم سليم باجوه

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) ڪمانڊر سدرن ڪمانڊ ليفٽيننٽ جنرل عاصم سليم باجوه چيو آهي ته اسان دهشتگردي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے