14 بدھ , نومبر 2018

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جون آسٽريليا جي عسڪري ۽ سياسي نمائندن سان ملاقاتون

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه آسٽريليا جي ملٽري ۽ سول قيادت سان ملاقات ڪئي آهي. آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته آسٽريليا جي دوري تي موجود آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه آسٽريلوي نمائندن سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفي لاڳاپن ۽ دهشتگردي جي جنگ ۾ پاڪستاني قربانين بابت ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي آرمي چيف سينيٽ جي پرڏيهي ۽ دفاعي معاملن واري ڪميٽي سان ملاقات ڪئي. هن آسٽريليا جي جوائنٽ اينڊ پلاننگ هيڊ ڪوارٽر ۽ آسٽريليا جي فورس ڪمانڊر هيڊ ڪوارٽر جو به دورو ڪيو. ملاقاتن دوران آسٽريلوي نمائندن دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان قربانين کي تسليم ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آمريڪا جي افغانستان بابت خاص نمائندي پاڪستان جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) افغان مفاهمتي عمل بابت خاص آمريڪي نمائندي زلمي خليل زاد پاڪستان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے