17 ہفتہ , نومبر 2018

پاناما نظرثاني درخواست ۾ شريف ڪٽنب جو مطالبو قبوليو ويو، مريم ججن کي گاريون ڏيڻ بند ڪري: اعتزاز احسن

لاهور(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سينيٽر اعتزاز احسن چيو آهي ته پاناما نظرثاني درخواست ۾ شريف ڪٽنب جو مطالبو قبوليو ويو هاڻ مريم نواز ججن کي گاريون ڏيڻ بند ڪري ۽ هن کي پنهنجون ڳالهيون تبديل ڪرڻ گهرجن. ميڊيا سان ڳالهائيندي اعتزاز احسن چيو ته مريم نواز جيڪي ڳالهيون ڪري رهي آهي اهي هن لاءِ ناڪاري ثابت ٿينديون، هڪ ڳالهه پهرين ئي طئي ٿي چڪي آهي ته شريف ڪٽنب پنج ججن مان مطمئن آهي، ان ڪري نظرثاني درخواست ۾ چيو ته 5 جج نظرثاني اپيل ٻڌن، هاڻ هي 7 جج نٿا گهري سگهن، پاڪستان ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي بحالي تي اعتزاز احسن چيو ته بي سي پي چيئرمين نجم سيٺي کي واڌايون ڏيان ٿو، ورلڊ اليون خلاف اسان جي جوانن سٺي راند کيڏي، بابر اعظم، عماد وسيم ۽ سڀني کي واڌايون ڏيان ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اعظم سواتي تڪرار: سپريم ڪورٽ جي جوڙيل جي آءِ ٽي رپورٽ مڪمل ڪري ورتي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) اعظم سواتي واري معاملي تي قائم ڪيل جي آءِ تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے