20 منگل , نومبر 2018

عوامي آواز رپورٽ|جروار: ميرپور ماٿيلو روڊ ورهين کان پٿر لٿل، ٺيڪيدار گم، عوام عذاب ۾ آهي

جروار ميرپور ماٿيلو روڊ ڪڏهن ٺهندو،
ڇا؟ اڃان ويهه سال ٻيا به لڳندا!!!!!!،
رپورٽ : فيض محمد گبول
هي جروار مير پور ماٿيلي جا شهري آهن جيڪي پنهنجي زندگيءَ جي ٻين ڪمن ڪارين سان گڏ مستقل طور هر هفتي جروار – ميرپور ماٿيلو روڊ جي بحاليءَ سميت، ضلعي گهوٽڪيءَ جي روڊن جي بحاليءَ لاءِ بينر هٿن ۾ کڻي احتجاج ڪندا رهن ٿا،
جروار – ميرپور ماٿيلو روڊ گذريل ويھن سالن کان تباهه ۽ برباد آهي جنهن جي تعمير جي بجيٽ به تقريبن هر حڪومت ۾ هر سال منظور ٿيندي رهندي آهي، پر پوءِ به گذريل ويهن سالن کان جروار-ميرپور ماٿيلو روڊ تعمير ٿي نه سگهيو آهي،
روڊ جي تعمير نه ٿيڻ ڪري سموري علائقي جو عوام هڪ بدترين تڪليف واري زندگيءَ گذارڻ تي مجبور آهي، ڇو جو روڊ ۾ وڏا وڏا کڏا پوڻ ڪري ٽريفڪ جا حادثا روز جو معمول بڻيل آهن، ويگنن، موٽر سائيڪلن، رڪشن ۽ ڪارن جا ٽائر ڦاٽڻ ۽ انهن سبب حادثا ٿيڻ ڄڻ ته روز جو معمول بڻجي ويو آهي،
روڊ جي اهڙي بدترين صورتحال ڪري جروار- ميرپور ماٿيلي جو پندرھن منٽن جو سفر ھڪ ڪلاڪ ۾ طئه ٿي رهيو آهي، جيڪو سفر وري اڪثر ڪري عورتن ۽ بيمارن لاءِ ڪنهن عذاب کان گهٽ نه آهي، روڊ جي بدترين حالت ڪري جيڪڏهن ڪا اميد سان عورت سفر ڪري ته سندس زندگيءَ کي خطرو ٿيڻ اوس ٿي پوي ٿو،
جڏهن ته بيماريءَ جي حالت ۾ ڪنھن مريض کي ايمرجنسي ۾ جروار کان ميرپور ماٿيلو پُھچائڻ به ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو آھي، روڊ جي اُکڙيل ھُجڻ سبب مريض رستي ۾ ئي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏين ٿا،
علائقي واسين جي اهڙي تڪليفن جي هوندي به چونڊيل نمائندن، انتظاميه ۽ علائقي جي ڀوتارن جي خاموشي عوام جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آھي.
هوڏانهن اِهي به خبرون عام جام آهن ته جروار – ميرپور ماٿيلو روڊ جا ٽينڊر ڪيئي دفعا جاري ٿيڻ باوجود ٺيڪيدار ۽ انتظاميا ملي ڀڳت ڪري پئسا ھڙپ ڪري ويا آھن،
ٺيڪيدار پنهنجي من مستي ڪري روڊ تي پٿر لهرائي گم ٿي وڃي ٿو، جيڪي مهينن جا مهينا ۽ ورهين جا ورهيه روڊ تي پيل رهن ٿا ۽ عوام لاءِ مسلسل عذاب جو سبب بڻجن ٿا،
علائقي واسين عوامي آواز ٽي وي سان ڳالھائيندي چيو آھي ته ڪيئي دفعا دانھون ڪوڪون ڪيون آھن پر ويهھ سال گذرڻ باوجود ڪوبه کڙ تيل نه نڪتو آھي، ھنن وڌيڪ ٻڌايو ته پ پ جا ووٽر ھُجڻ باوجو به علائقي وارن کي روڊ جھڙي بنيادي سهولت به فراھم نه ڪئي وئي آھي،
علائقي واسين سنڌ جي وڏي وزيراعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ، ڊپٽي ڪمشنر گھوٽڪي سيد اعجاز شاھ ۽ ٻين وس وارن کان نئين جروار- ميرپور ماٿيلو روڊ نئين سر تعمير ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آھي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ڪڍڻ: جيئي سنڌ محاذ پاران ثقافتي ڏھاڙي کي ڀرپور ملهائڻ جو اعلان

جيئي سنڌ محاذ پاران ثقافتي ڏھاڙي کي ڀرپور ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو جسم جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے