19 پیر , نومبر 2018

عوامي آواز رپورٽ|بدين ضلعي جي سبزي منڊي جيڪا ايشاءُ سڀ کان وڏي منڊي ليکي وڃي ٿي پر ھن وقت ان منڊي ۾ بصر نه اچڻ سبب واپاري به پريشان آھن

بدين رپورٽ رازقڏنو کوسو .لاڙ سميت بدين ضلعي ۾ بصر جي شديد کوٽ پيدا ٿي وئي آھي بدين ضلعي جي سبزي منڊي جيڪا ايشاءُ سڀ کان وڏي منڊي ليکي وڃي ٿي پر ھن وقت ان منڊي ۾ بصر نه اچڻ سبب واپاري به پريشان آھن آبادگارن موجب بدين ضلعي ۾ بصر جي کوٽ وقت سر پاڻي نه اچڻ جي ڪري آھي جيڪو ٻج ھاڻي پوکيو ويو آھي اھو مار  ڪيٽ ۾ چئن کان پنجن مھينن بعد مارڪيٽ ۾ ايندو انڪري بصر اڃا تائين پوکجي نه سگھيو آھي سبزي منڊي بدين جي صدر عبدالقادر گوپانگ خليل ميمڻ آبادگار اڳواڻ رئيس اختر کوسو چيو ته پاڻي جي کوٽ سبب بصر جي پوکائي وقت سر نه ٿي آھي جنھنڪري صورتحال اڃا به خراب ٿيندي بصر بلڪل مارڪيٽ۾ نه آھي انڪري جو اھيو رکڻ مشڪل ھوندو آھي اسٽاڪ ڪرڻ سان نقصان ٿيندو آھي پر ٽنڊو الھيار جو فصل لھي چڪو آھي پر اھا سڃي ملڪ جي کوٽ ختم ڪري نه سگھندو پر ھي سڃي ملڪ جو معاملو آھي برساتن پوڻ سبب ڪجھ پوکيل ٻج به سڙي چڪو آھي انڪري بحران وڌندو نظر اچي رھيو آھي بدين ۾ في ڪلو 120 حساب سان بصر وڪرو ٿي رھيو آھي جيڪو به خراب ۽ گھٽ ڪوالٽي وارو آھي ھاڻي ضرورت ان گالھ جي آھي ته حڪومت ھن کوٽ ۽ ريٽ تي ڪيئن ڪنٽرول ڪري ٿي رازقڏنو.کوسو عوامي آواز ٽي وي نيو ز بدين

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: اپٿورو: مختلف شعبن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙن کي مڃتا ايوارڊ ڏنا ويا

پٿوري ۾ سڄاڻ ڌرين پاران تقريب ڪوٺائي مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن کي مڃتا ايوارڊ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے