22 جمعرات , نومبر 2018

نيب چيئرمين جي مقرري جو اختيار هاءِ ڪورٽ ۽ چيف جسٽسن کي ڏنو وڃي: سراج الحق

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته ملڪ ۾ قانون ۽ آئين جي حڪمراني چاهيون ٿا اسان کي اميد آهي ته اعليٰ عدليه پاناما پيپر ۾ شامل 436 ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪندي. سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سراج الحق چيو ته نيب چيئرمين جي مدت پوري ٿي چڪي آهي، حڪومت ۽ مخالف ڌر ليڊر نيب چيئرمين جي مقرري لاءِ ڳالهيون ڪري رهي آهي، جماعت اسلامي تجويز ڏني آهي ته نيب چيئرمين جي مقرري جو اختيار وزير اعظم ۽ مخالف ڌر کان واپس ورتو وڃي ۽ اهو اختيار سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس صاحبن کي ڏنو وڃي جيئن ديانتدار ۽ بااصول شخص کي اهم عهدي تي مقرر ڪري سگهجي. هن چيو ته ڪرپشن جو معاملو رڳو نواز شريف خلاف ڪارروائي سان حل نه ٿيندو،  اعليٰ عدالت سموريون آف شور ڪمپنيون بڻائيندڙن خلاف ڪارروائي ڪري.

هي به ڏسي سگهو ٿا

حڪومت طرفان مونس الاهي کي وفاقي وزير بڻائڻ جو فيصلو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف ق ليگ جو وفاق ۾ حصو وڌائڻ جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے