14 بدھ , نومبر 2018

عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي: ثناءَ الله زهري

ڪوئيٽا( ويب ڊيسڪ ) بلوچستان جي وڏي وزير ثناءَ الله زهري چيو آهي ته عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي، جڏهن ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا مڪمل طور صوبي ۾ متحرڪ آهن. بلوچستان جي وڏي وزير ثناءَ الله زهري سان جمعيت اهل حديث جي مرڪزي نائب امير مولانا عبدالرشيد حجازي جي قيادت ۾ وفد ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وفد بلوچستان جي وڏي وزير کي مرڪزي جمعيت اهلديث جي اڳواڻ جي پٽ جي اغوا بابت ڳڻتي کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت حڪومت جي ذميواري آهي، خاص ڪري اغوا جهڙا واقعا روڪڻ قانون لاڳو مڪمل طور متحرڪ آهن. ثناءَ الله زهري چيو ته واقعي بابت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان تفصيل گهريا آهن ۽ لاڳاپيل ادارا جمعيت اهل حديث اڳواڻ جي پٽ ۽ ٻين مغوين جي بازيابي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهيا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مشرف ڪيس: اشتهاري جوابدار جي سرينڊر ڪرڻ تائين درخواست نٿا ٻڌي سگهون: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق چيو آهي ته جيستائين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے