19 پیر , نومبر 2018

ڪجهه عنصرن جي ڪري ادارن کي بدنام نه ڪيو وڃي: پرويز خٽڪ

پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير پرويز ختڪ چيو آهي ته ڪجهه ڪرپٽ عنصر ادارن ۾ موجود آهن پر انهن جي ڪري ادارن کي بدنام نه ڪيو وڃي. پشاور بچت بازار ۾ دڪانن جو چاٻيون واپارين جي حوالي ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير پرويز خٽڪ چيو ته غريب کي پنهنجو حق ملي ويندو ان کان وڏي ٻي ڪا خوشي ناهي، بيروزگار ماڻهن کي جلد روزگار ڏيارينداسين، اسان جي ڪوشش آهي ته ادارن کي مضبوط ڪيون. هن چيو ته ميڊيا طاقتور بڻجي وئي آهي ان کان ڊپ پيو لڳي، ساڍا ٽي هزار ڊاڪٽر ڀرتي ڪيا، صوبي ۾ ڊاڪرن جي ڪمي پوري ڪري رهيا آهيون جڏهن ته غريب ماڻهن لاءِ هيلٿ ڪارڊ متعارف ڪري مفت علاج جي سهولت ڏني پئي وڃي، هيلٿ ڪارڊ مان هن وقت تائين 100 لک ماڻهو فائدو وٺي چڪا آهن. هن وڌيڪ چيو ته پوليس کي غير سياسي بڻائي سياسي ماڻهن جي مداخلت ختم ڪري ڇڏي آهي، پوليس جي بهتري لاءِ جديد اسڪولر قائم ڪيا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فوجي طاقت سان ڪشميرين جي جدوجهد کي دٻائي نٿو سگهجي: علي امين گنڊاپور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪشمير جي معاملن بابت وزير علي اميد گنڊاپور والاريل وادي ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے