23 منگل , اکتوبر 2018

بغداد ۾ مسجد ويجهو بم ڌماڪو، 24 ڄڻا مارجي ويا، 30 زخمي

70بغداد(ع آنيوز) عراق جي گادي جي واري شهر بغداد ۾ مسجد ويجهو ڀاڄي ۽ فروٽ مارڪيٽ ۾ ٿيل بم ڌماڪي ۾ 24 ڄڻا مارجي ويا ۽ 30 کان وڌيڪ ڄڻا زخمي ٿي پيا جڏهن ته دهشتگرد تنظيم ” داعش“ ذميواري قبوليندي 100 ڄڻن کي قتل ڪرڻ جي دعويٰ پڻ ڪئي آهي. روزاني پاڪستان موجب بغداد جي نهراوان مارڪيٽ ۾ مسجد ويجهو بيٺل گاڏي ۾ اوچتو زوردار ڌماڪو ٿي پيو جنهن سبب ٻين بيٺل گاڏين ۾ کي باهه لڳي وئي جڏهن ته ڌماڪي جي نتيجي ۾ 24 ڄڻا مارجي ويا ۽ 30 کان وڌيڪ ڄڻا زخمي پڻ ٿيا. مقامي انتظاميا جو چوڻ آهي ته ڌماڪو جنهن مارڪيٽ ۾ ٿيو آهي اتي امام موسيٰ ڪاظم جي مزار تي ايندڙ زيارتين جي اچ وڃ وڌيڪ هوندي آهي ۽ دهشتگردن امام موسيٰ ڪاظم جي مزار تي ايندڙن کي ئي ٽارگيٽ ڪيو آهي. ٻئي پاسي داعش بم ڌماڪي جي ذميواري قبوليندي 100 کان وڌيڪ ڄڻن کي قتل ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي پر آزاد ذريعن وٽان ان جي تصديق نه ٿي سگهي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Kashmir: 3 militants killed, 2 jawans injured in ongoing encounter

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج وڌيڪ 8 ڪشميرين کي  شهيد ڪري ڇڏيو

سرينگر ( ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير جي ضلعي ڪلگام ۾ قابض ڀارتي فوج جي فائرنگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے