18 جمعرات , اکتوبر 2018

مڪي ۾ پگھار نه ملڻ تي پورهيتن 9 بسون ساڙي ڇڏيون

saoodiمڪو شريف(ع آ نيوز) سعودي عرب جي شهر مڪي ۾ هزارين پورهيت پگهار نه ملڻ تي مڇرجي پيا. مڇريل ماڻهن 9 بسون ساڙي ڇڏيون. گلف نيوز جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سعودي عرب جي الهندي شهر مڪي ۾ پورهيت پگھار نه ملڻ خلاف روڊن تي نڪري آيا. مڪي جي شهري دفاع واري کاتي جي ترجمان نائف الشريف موجب پورهيتن جي گھر ويجھو بن لادن گروپ جون 9 بسون بيٺل هيون، جن کي پورهيتن ڪاوڙ ۾ ساڙي ڇڏيو. بسون پارڪنگ ايريا ۾ موڪل جي ڏينهن سبب بن لادن ڪمپني جون ڪيتريون ئي گاڏيون اتي بيٺل هيون.  نائف الشريف وڌيڪ چيو ته باهه لڳڻ سبب ڪو به جاني نقصان نه ٿيوآهي.37

هي به ڏسي سگهو ٿا

افغانستان ۾ بم ڌماڪو، چونڊ اميدوار مارجي ويو، 8 زخمي

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي ڏاکڻي صوبي هلمند ۾ ٿيل هڪ بم ڌماڪي جي نتيجي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے