16 اتوار , دسمبر 2018

گلن ۽ پرين جي شهر ۾ آجيان:رپورٽ: روشن شيخ

سنڌي ادبي سنگت پريالوءِ پاران عيدگڏجاڻي آجياڻو، مشاعرو۽ ايوارڊ تقريب ٿي گذري ، ان موقعي تي زندگي جي مختلف شعبن ۾ ڪارڪردگي ڏيکاريندڙن سياسي ، سماجي ۽ ادبي اڳواڻن احمد سولنگي ، تاج جويو، جاويد علي شاهه جيلاني سميت ٻين کي مخدوم محمد اسماعيل مڃتاءُ ايوارڊ ڏناويا ، تفصيل موجب سنڌي ادبي سنگت پريالوءِ پاران سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي نئين چونڊيل سيڪريٽري جنرل احمد سولنگي کي آجياڻو ڏنو ويوان موقعي تي احمد سولنگي پنهنجي صدارتي خطاب ۾ چيوته پريالوءِ منهنجي لاءِ هڪ محبوب شهر جي حيثيت رکي ٿو ، ڇاڪاڻ ته هي شهر هر دور۾ شعور جي حوالي سان تمام اڳتي رهيو آهي ۽ هن شهر ۾ اچي ڪري اوپرائپ جوڪو احساس به ڪونه ٿيندو آهي، احمد سولنگي وڌيڪ چيوته اسين سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران آدم شماري جا نتيجا ڪنهن به صورت ۾ قبول ڪو نه ٿا ڪيون ڇاڪاڻ ته هڪ سوچيل ، سمجهيل سازش تحت سنڌي ماڻهن کي اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي ۽ جلد کان جلد آدم شماري جي آيل نتيجن خلاف اسان سنڌ ليول تي پنهنجو ريئڪشن ظاهر ڪنداسين هن وڌيڪ چيو ته سنڌيءَ ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ سنڌي ادبي سنگت پاران صحي مهم جو آغاز ڪنداسين جنهن مان هر سنڌي جوساٿ کپي. اهو پڻ چيوته سنڌ مان جنهن نموني سان باشعورفردن کي کنڀي گم پيو ڪيو وڃي اسين ان عمل جي مڪمل طورتي خلاف آهيون ڇاڪاڻ ته باشعورهئڻ يا پنهنجي ڌرتي جي ڳالهه ڪرڻ ڪو گناهه جو ڪم ناهي هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سڪل شاخن کي مون ۽ منهنجي دوستن تمام ٿوري وقت ۾ سرگرم ڪيو آهي ان ڪري آءُ اها ڳالهه دعوا سان چوان ٿو ته جيڪو دوست مون سان ڳڏ هلي نه سگھيو اهو دنيا ۾ ڪنهن سان به گڏ هلي نه سگھندو .

تقريب ۾ مهمان خاص تاج جويو چيوته پريالوءِ مخدوم محمد اسماعيل ، سرمد سنڌي گلابن جو شهر آهي ، هتان جي ادبي سنگت جي شاخ 1983 کان ڪم ڪندي پئي اچي ۽ ههڙي دور۾ ادبي سرگرميون ڪرڻ يقينن ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي جنهن ڏکي ڪم کي ادبي سنگت وارا نڀائيندا پيا اچن.

ايوارڊ جي تقريب کي خطاب ٿيندي ادل سومري چيو ته پريالوءِ جو سڏ ملي ۽ حاضري نه ڀرجي اهو ممڪن ئي ناهي ، ڇاڪاڻ ته پريالوءِ ذميدار۽ محبتي شخصن جو شهر آهي ان ڪري ئي آءُ  ”پريالوءِ“ کي” پريان لوءِ “ چوڻ ۾خوشي محسوس ڪندو آهيان .

اڳوڻي پيپلزپارٽي ايم اين اي سيد جاويد علي شاهه خطاب ڪندي چيوته مون پريالوءِ کي سدائين پنهنجو گھرئي محسوس ڪيو آهي ۽ ان ڪري پنهنجي وس آهرهن شهر کي سينگارڻ لاءِ مون اسڪيمون به ڏينون آهن ۽ آئينده به ڏيندو رهندس ان موقعي تي سيد جاويد علي شاهه پريالوءِ ۾ پبلڪ لائبريري لاءِ پورو سامان ڏيڻ جو اعلان ڪيو، پيپلزپارٽي ايم پي اي غزاله سيال چيوته شابس آهي ادبي سنگت پريالوءِ وارن کي جيڪي هي خوبصورت پروگرام رچائي ڪري هتان جي عوام کي خوشيون ڏئي رهيا آهن آءُ ان موقعي تي پرائمري اسڪول ون لاءِ هڪ ڪروڙ روپيه ڏيڻ جو اعلان ڪيان ٿي جيڪا رقم پرائمري اسڪول جي بلڊنگ مرمت ڪرائڻ لاءِ ڪم ايندي.

تقريب ۾ عبدالمومن ميمڻ ، روشن شيخ ،سيد جمن شاهه ، ٽائون ڪاميٽي پريالوءِ وائيس چيئرمين اميربخش انصاري ، حاجي منيراحمد بلوچ ، قربان منگي ، امر اقبال ، شاهنوازشيخ ، شمس الحق ابڙو ، ابراهيم کرل ، آزاد انورڪاندڙو ، ميرصوبدارسعيد ۽ ٻين خطاب ڪيو.

ان موقعي تي هڪ مساعرو پڻ ٿيو ، مشاعري ۾ غلام محمد غازي ، سجاد ميراڻي ، غني غم دل ، جميل ساگر ، بيخود بلوچ ، اسد چاچڙ ، صفر ڪلهوڙو ، آزاد انصاري ، فهيم ڀٽو ، محمد علي سهتو ، نازمهر ، محبتي مهيسر ، امداد جسڪاڻي ، سعيد سنڌي ، سميع سجاد ، مهر عبيد ، هاشم ڀٽي ، طاهر تنها ، مائل مير ، ڏنل شيخ ، صغيربخاري ، ڪلياڻ ڪٽهڙا ، عمير سومرو سميت ٻين عيد محبت ۽ پريالوءِ جي گلن حوالي سان پنهنجي شاعر پڙهي داد حاصل ڪيو .

ان موقعي تي سياسي سماجي ۽ ادبي خدمتن تي احمد سولنگي ، تاج جويو ، ادل سومرو ، ايازگل ، نور احمد ميمڻ ، سيد جاويد علي شاهه ، ڊاڪٽر مهرين ڀٽو ، غزاله سيال ،عبدالمومن ميمڻ ، غني غم دل ، لالاغفار شيخ ، فضل الله ڌاريجو ، اميربخش انصاري ، ۽ ٻين مخدوم محمد اسماعيل مڃتاءُ ايوارڊ حاصل ڪيا ،

هن پروگرام ۾ صحافي ظفر بلوچ ، استاد اسدالله سومرو ، عبدالقادر چنو ، غلام مرتضه ميمڻ ، صحافي ڪيول پرڪاش ، استاد گل حسن لوهر ، عبدالحڪيم ڀٽو ، ثناءُ الله بلوچ ، مشتاق چنا ، جواد بلوچ ، محمد علي لوهر ، عطا ميراڻي ، محمد احمد سيال ، صفي الله شيخ ، ڏاڏو صلاح الدين ، عبدالجبار ، عبدالرزاق ، هريش ڪمار ، چرن ، ساگر ، شام ڪمار سميت ٻين ڪيترن ئي سياسي سماجي ، ادبي اڳواڻن توڙي شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ، پروگرام جي آخر ۾ محفل موسيقي ٿي جنهن ۾ عنايت ٻرڙو ۽ ٻين پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو ، پروگرام جي ميزباني جا فرائض سجاد ميراڻي ، روشن شيخ ۽ سيد جمن شاهه ادا ڪيا

هي به ڏسي سگهو ٿا

محمد حفيظ ڪيريئر جي آخري ٽيسٽ سيريز يادگار نه بڻائي سگهيو!:سرمد سولنگي

نيٺ محمد حفيظ اهو اعلان ڪري ڇڏيو جنهن  جو هرڪنهن کي انتظار هو ، ڇاڪاڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے