14 بدھ , نومبر 2018

شيخ رشيد ميچ ڏسڻ لاءِ ڀارت ويندو: مودي سرڪار نٿي روڪي سگھي عوامي ليگ سربراهه

shaikh rahseedاسلام آباد(ع آ نيوز) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد  چيو آهي ته مون وٽ سارڪ ملڪن جي ويزا موجود آهي، ان ويزا تي ڪولڪتا ۾ پاڪ – ڀارت ڪرڪيٽ ميچ ڏسڻ ويندس، مودي سرڪار وٽ مون کي  ڀارت وڃڻ کان روڪڻ جو ڪو قانوني جواز ناهي، جيڪڏهن ڀارت نه اچڻ ڏنو ته عالمي ۽ سارڪ قانون مطابق پنهنجي حق لاءِ آواز عالمي فورمن تي اٿاريندس، هڪ انٽرويو ۾ شيخ رشيد  چيو ته مان ٻنهي ملڪن جي عوام وچ ۾ پيار  ۽ محبت جي رشتي کي صاف ڪرڻ چاهيان ٿو، شيخ رشيد چيو ته مون وٽ سارڪ ملڪن جي ويزا موجود آهي، ان ڪري نئين ويزا لاءِ ڀارت کان اجازت وٺڻ جي ضرورت ناهي، لال حويلي راولپنڊي کان پنهنجي سياسي اننگز شروع ڪندڙ ڪندڙ شيخ رشيد چيو ته ڪولڪتا وڃي محبت ۽ ڀائيچاري جي اننگز کيڏندس، ڪولڪتا ۾ ٿيندڙ پاڪ – ڀارت ڪرڪيٽ ٽيمن جو مقابلو محبت ڀري ماحول ۾ ٿيندو، ڀارت ۾ انتها پسند هندو تنظيمن طرفان پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي نه کيڏڻ جي ڌمڪين ڀارتي سرڪار جو  ڪنڌ شرم وچان جهڪائي ڇڏيو آهي.37

هي به ڏسي سگهو ٿا

آئي سي سي ون ڊي رينڪنگ: پاڪستان  پنجين نمبر تي اچي ويو

دبئي(اسپورٽس نيوز)آئي سي سي جي ون ڊي رينڪنگ ۾ انگلينڊ جي ٽيم پهرين ۽ پاڪستان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے