14 بدھ , نومبر 2018

”بيروگاري سبب نوجوانن ۾ وڌندڙ ذهني بيماريون “

اسد ممتاز رڏ

انساني صحت  تي ڪم ڪندڙ عالمي اداري  WHOپنهنجي رپورٽ ۾ اهو انڪشاف ڪيو  آهي ، ته دنيا جي وڏن شهرن جهڙوڪ ، نيويارڪ ، لنڊن ،  ، بيجنگ ، شنگائي ، ممبئي ۽  ڪراچي ۾ ذهني بيماريون وڏي تيزي سان ڦهلجي رهيون آهن ، انهن بيمارين جا ڪيترائي ئي سبب  ٻڌايا ويا آهن ، جنهن ۾ سماج جو نامناسب  رويو ، گھريلو پريشانيون ، غربت ، بک ، حڪومتي پاليسيون ، نامناسب شهري نظام ، آفتون ، مشيني زندگي ، تفريحي جا موقعا گھٽ هجڻ سان گڏو گڏ هڪ اهم سبب بيروزگاري آهي ، بيروزگاري پڻ هڪ عالمي مسئلو آهي ، آمريڪا جهڙي سپر پاور ملڪ ۾ غير سرڪاري انگن اکرن موجب 23 سيڪڙو شهري بيروزگار آهن  جڏهن آمريڪا اندر  2 يا 3 ڪلاڪ  ڪم ڪندڙ  شخص کي  نوڪري واري خاني ۾ شمار ڪيو ويندو آهي  ان کان سواءِ ان شخص کي جنهن جي آمدني 2 ڊالرز آهي تنهن کي غربت  کان  هيٺ واري لسٽ ۾ شامل ناهي ڪيو ويندو  اهو ئي سبب آهي جو  آمريڪا سميت پوري دنيا ۾ مزدورن جي ڪم جو  وقت اٺن ڪلاڪن مان وڌائي  12 کان 14 ڪلاڪ پڻ ڪيو ويو آهي . هاڻ  جيڪو ماڻهو 12 کان 14 ڪلاڪ ڪم ڪندو ظاهر آهي ته ان ڪيفيت ۾ پڻ  ڪا تبديلي ضرور  ايندي ……!

”نوجوانن بابت سرڪاري ۽ غير سرڪاري انگ اکر “

پاڪستان اڪنامڪ جي سروي 2016_ع17  موجب پاڪستان  جي آبادي ساڍا اڻويهه ڪروڙ آهي جنهن ۾ 60 سيڪڙو آبادي جي عمر 15 کان 64 سالن وارن جي آهي جيڪا  آبادي ڪم ڪار جي حوالي سان بهتر سمجھي وڃي ٿي ، ان سان گڏ اٽڪل 20 سيڪڙو آبادي جي عمر 15 کان 24 سالن جي نوجوانن جي آهي  جيڪو  آبادي جو هڪ وڏو حصو  اٽڪل 63 ملين ماڻهو ليبر فورس تي ٻڌل آهي .  جيڪو عالمي قانون ۽ معيار جي ابتڙ 15 سال يا اس کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن جي بجاءِ 10 سالن ۽ ان کان وڍيڪ عمر جي ماڻهن کي ليبر فورس جو حصو ٺاهيو ويو آهي .  انگن اکرن موجب سال 2012 کان  آگسٽ 2017 تائين 13 لک ماڻهن کي  ليبر فورس جو حصو بڻايو ويو آهي . انهي سڀني  انگن اکرن موجب هن وقت بيروزگاري جي شرح 5.94 سيڪڙو آهي . ان مان اهو پڻ ثابت ٿئي ٿو ته ڪم  ڪرڻ وارن جي قابل عمر وارن ماڻهن جي ڪل آبادي مان رڳو 36 لک ماڻهون بيروزگار آهن .!

2012 _13  ۾ بيروزگاري جي  شرح ۾ 6.2 سيڪڙو هئي  جيڪا گھٽ ٿي  سال 2014 _15 ۾ 5.9 تي اچي وئي . انهن سرڪاري اگن اکرن موجب پاڪستان ۾ چوطرف روزگار  ئي روزگار آهي هٿان جا شهري هڪ مثالي زندگي گذاري رهيا آهن  جنهن جو مثال ايشا ته ڇا آمريڪا ۽ يورپ ۾ به نٿو ملي .

پاڪستان جي ڪل آبادي جو اٽڪل اڌ  حصو ليبر فورس آهي . سرڪاري رڪارڊ موجب 15 کان 64 سالن جي ماڻهن جو تعداد ڪل آبادي جو 60 سيڪڙو آهي  هن لحاظ کان ڪل ليبر فورس 11 ڪروڙ کان وڌيڪ بڻجي ٿو . هڪ اندازي موجب پاڪستان ۾ 2 ڪروڙ  ٻار  چائلڊ ليبر جو شڪار آهن جن جي عمر 10 سالن کان به گھٽ آهي . صرف انهي هڪڙي فيڪٽر  کي تبديل ڪرڻ سان مٿي ڏنل سڀئي انگ اکر غلط ثابت ٿي وڃن ٿا . ڇو جو انهي  جي بنياد تي باقي ٻين  فيڪٽرز  جو حساب لڳايو ويندو آهي .  گڏيل قومن جي اداري    پاپوليشن فنڊ جي گذريل رپورٽ موجب ڪل 20 ڪروڙ جي آبادي جو 63 سيڪڙو نوجوانن تي اٽڪل آهي ، جنهن ۾ شاگرد ۽ مزدور شامل آهن . انهي 63 سيڪڙو ۾ تقريبن 5 ڪروڙ 85 لک جي عمر 20 کان 24 سالن جي وچ واري آهي  . جيڪڏهن  آبادي  جي هن حصي کي شامل ڪيو وڃي جنهن جي عمر 15 کان 19 سالن جي وچ واري آهي ته ڪل آبادي جو اڌ حصو حقيقي معنٰي ۾ نوجوانن تي ٻڌل  آهي .

جڏهن ته حڪومت موجب صرف 20سيڪڙو  آبادي 15 کان 24 سالن ٻڌل آهي .

هاڻ اچئو ن ٿا بيروزگاري جي انگن اکرن  تي ، سڀ کان پهريان ته ليبر فورس جي حقيقي شرخ حڪومتي

جي طرفان جاري ڪيل بيروزگاري جي شرخ کي رکي حساب ڪتاب لڳايو ويندو  ته 36 لک بيروزگار ماڻهن جو تعداد  انتهائي غلط معلوم  ٿيندو  . هن حساب سان پاڪستان ۾ بيروزگارن جو تعداد 70 لک کان به وڌيڪ آهي  جيڪو به حقيقت کان تمام ڏور  آهي ، مختلف اخباري رپورٽس موجب پاڪستان ۾ بيروزگاري جي شرخ 8 کان 9 سيڪڙو آهي . جڏهن ته عالمي اداري يونيسڪو  جي هڪ رپورٽ موجب غير هنر مند نوجوانن ۾ بيروزگاري جي شرخ 8.2 سيڪڙو آهي . پر غير سرڪاري انگن اکرن موجب پاڪستان ۾ بيروزگار نوجوانن جو انگ   50 سيڪرو کان  وڌيڪ آهي جيڪو هڪ تمام وڏ انگ آهي  ۽ خطرناڪ پڻ آهي .

” پڙهيل لکيل بيروزگار نوجوانن جي فوج “

اڪثر ڪري غيرهنرمند ۽ اڻ پڙهيل بيروزگار ماڻهن کي بيروزگار ي جو ذميدار  انهن جي اڻ پڙهيل هجڻ جي ڪري سمجھيو ويندو آهي پر پاڪستان ۾ پڙهيل لکيل ماڻهو خاص ڪري گريجوائٽ يا پوسٽ گريجوائٽ بيروزگارن جو انگ  به ڪجهه گھٽ ناهي .  هڪ اندازي موجب هن وقت بيروزگاري ۾ سڀ کان بلند شرخ گريجوايٽ ۽ پوسٽ گريجوايٽ ڊگري هولڊر  نوجوانن  جي آهي  ۽ هر ٻيون ڊگري هولڊر  بيروزگار آهي يا وري انتهائي گھٽ اجرت تي ڪم ڪرڻ تي مجبور  آهن . لکين رپيا خرچ ڪري ڊگريون حاصل ڪرڻ جي باوجود اُهي نوجوان روزگار جي تلاس ۾ در بدر  ڌڪا کائيندي نظر اچن ٿا تنهن ڪري اهو دليل به نامناسب آهي ته  هڪ شخص ان ڪري بيروزگار آهي ڇو جو اهو اڻ پڙهيل آهي  سو صحيح ناهي .

پر ان سان گڏ هتي اهو ضروري آهي ته بيروزگاري کي اسان طبقاتي نظر سان ڏسن گهرجي . انهن بيروزگار جو هڪ وڏو تعداد وچولي  يا هيٺين طبقن سان آهي  انهن نوجوانن جي والدين جيئن جو تيئن ڪري  پنهنجن ٻارن پڙهايو  .

انهن نوجوانن  ۾ تمام گھٽ انگ  جو  تعلق  مٿين وچولي يا وري حڪمران   طبقي جي سان آهي  گڏو گڏوگڏ طبقاتي تعيلي نظام ۽ تعليمي  ڪاروبار پڻ هڪ وڏو مسئلو آهي جنهن جي بنياد تي ٺهندڙ فري مارڪيٽ اڪانومي ۾ انهن گريجوئيت ڊگري هولڊرز  مارڪيت جي گھرجن موجب ڊگريون حاصل ناهين ڪيو ن ،   يا وري اهو پڻ دليل ڏنو ويندو  آهي ته جيڪڏهن توهان فلاڻي اداري مان ڊگري ڪيو ها ته توهان  بيروزگار نه هجو ها .

انهن ڳالهين کان سواءِ  جنهن قسم جو روزگار  محنت جي منڊي ۾ ميسر آهي  ان ته ڳالهه ڪرڻ  انتهائي ضروري  آهي ، اُهي ڊگري هولڊرز خوش قسمتي سان روزگار حاصل ڪرڻ ڪامياب ٿي ويندا ، انهن ۾ هڪ وڏو تعداد انتهائي گھٽ پر معمولي قيمت  تي ڪم ڪرڻ تي مجبور  آهي  ۽ وري اها قيمت وڌڻ جي بجائي گھٽ ٿيندي رهي ٿي . ان سان گڏ ڪي ٻيون سهولتون  ته تمام پري جي ڳالهه آهي انهي گھٽ قيمت تي ڪم  واري روزگار جي به ڪا گارنٽي موجود ناهي جنهن سبب اڪثر نوجوانن ۾ هم وقت ذهني دٻاءُ جو شڪار هوندا آهن  جنهن سان ذهني بيماريون جنم وٺن ٿيون . ان سان گڏو گڏ ان گريجوئت ڊگري هولڊرز جي وڏو انگ  اهڙو  ڪم ڪرڻ ته مجبور آهي جيڪي انهن جي تعليمي قابليت سان واسطو نٿو رکي …….!

”بيروزگاري جا سماج تي اثر “

سنڌ سرڪار جي گھرو وزارت پاران جاري ڪيل رپورٽ ۾ اهو انڪشاف ڪيو ويو آهي ته گذريل ڪجهه عرصي ۾  ڪراچي اندر  ٿيندڙ دهشت گردي جي ڪاراوائين ۾ پڙهيل لکيل نوجوان ملوث آهن   جيڪي يونيورسٽين جا گريجوائيٽس آهن  ان کان علاوه دهشت گرد تنظيمنن ۾ شموليت جي لاءَ انهن يونيورسٽين جي گريجوائيٽس  لاءَ زرخيز ۽ وسيع ميدان ميسر آهي ،  هٿي اهو پڻ سوال اُڀري ٿو ته انهن مشهور يونيورسٽين جا گريجوئيٽس آخر ڪار دهشگرد تنطيمنن ۾ هٿ ڪيئن ٿا چڙهي وڃن .؟؟

ان جو هڪڙو سبب انهن يونيورسٽين ۾ پڙهايو ويندڙ نصاب آهي جيڪو انهن جيڪو نوجوانن کي انهي غير انساني ڪم ڪرڻ تي اتساهي ٿو . ٻئي انهي بيروزگاري کان تنگ اُهي نوجوانن ڊالرز  واري جهاد سان ڪرپشن واري ڪاري پيسي سان گڏوگڏ  نفسياتي طور تي هار مڃيندڙ نوجوان انهي ڪم لاءَ پروان چڙهي ٿو . ان سان گڏ مٿي ڏنل انگ اکر پڻ اهو واضع ڪن ٿا ته بيروزگاري کان تنگ مستقبل کان مايوس اُهي نوجوان دهشت گرد تنظيمن ۾ پناهه وٺن ٿا . اونداهو مستقبل ۽ معاشي بحران جي سبب وٺندڙ مايوسي ان جو وڏو سبب آهي . اهو پڻ سچ آهي ته جڏهن زندگي ۾ مايوسي  ۽ انڌيرو هجي ، ڪا اميد نظر نه اچي تڏهن آخر زندگي جو دوکو به پرڪشش لڳندو آهي . رات جي ڪاري چادر ۾ امير ٿيڻ واري نفسيات ۽ روزگار جا وسيلا ميسر نه هجڻ  نوجوانن کي حقيقي زندگي ڏور ڪرڻ جو سبب بڻجي ٿو ..

ڊاڪٽر عرفان عزيز . ايسوسيئٽ پروفيسر  وفاقي اردو يونيورسٽي

هتي    روزگار جا وسيلا ميسر آهن بدقستي سان اها  آهي ته انهن  وسيلن نجي ڪا ترتيب ناهي .  جنهن  ڪري  نوجوانن کي  روزگار تائين رسائي نه ٿي ٿئي  .  اهو مفروضو ضرور آهي ته سرڪاري نوڪري هر هڪ ماڻهو کي ميسر ناهي ۽  اها ڳالهه صحيح به آهي  پر ڪا به رياست پنهنجي سڀني شهرين کي سرڪاري نوڪري ڏيڻ جي سگھه به نٿي رهي  . ان سان پوءَ نجي ڪاروبار ناهي هلي سگھندو . ( 100سيڪڙو سرڪاري نوڪري صرف ۽ صرف ڪميونيزم ۾ ممڪن آهي).  مارڪيٽ اڪانومي ناهي رهندي . هاڻ اها ڳالهه درست ناهي ته نوڪريون ناهين ، نوڪريو آهن ، اسان ڏسئون پيا ته نوجوان  نجي شعبي ۾ ڪم ڪن ٿا  تمام گھڻي محنت به ڪن ٿا  جنهن ۾ موبائل ماڪيٽ آهي ، پوليٽيڪنيڪل وارو شعبو آهي  وغيره وغيره

ها هٿي اهو سوال ضرور جنم وٺي ٿو ته انهن شعبن ۾ ڪم ڪندڙ نوجوان ڇا پنهنجي تعليمي قابليت موجب ڪم ڪن ٿا .  ته منهنجو جواب اهو هوندا  ته گھڻي ڀاڳي نه  نوڪرين ۾

اسان جا نوجوانن vulnerable  هوندا آهن ، انهن کي جيڪا نوڪري ملي سا ڪرڻ لاءَ تيار ٿي ويندا آهن . ڇا ڪاڻ ته اُهي سمجھن ٿا ته ۽ ڏسن به اٿا ته مارڪيٽ ۾ سٺين نوڪرين جو قهط الرجال آهي . ان  جو مک سبب   اهو آهي به  ته   نوڪريون هٿي ڪنهن  نظم ضبط ۾ ناهين ، اسان جا نوجوان   ضرورت  ۽ مجبورين جي تحت نوڪريون ڪن ٿا ميرٽ  ته نوڪريون گھٽ ملن ٿيون  ، توهان نوجوانن جي ڳالهه ٿا ڪريو هٿي پي ايڇ ڊي ڪندڙ  به نوڪري جي تلاش ۾ هوندا آهن .

هڪ ٻيو فيڪٽر اهو به آهي ته يونيورسٽين جو نوڪري ڏيارڻ جو ڪردار ادا ناهي هوندو . هتي اسان وٽ اهو رواج گھٽ آهي ٻين دنيا جون يونيورسٽيون پنهنجي ويب سائيٽس ۾ اها واضع ڪنديون آهن ته ان يونيورسٽي جا ڪيترا گريجوئيٽ نوڪرين سان آهن ، اسان جو شعبو ماس ڪميونيڪيشن آهي پر اسان جو هٿان جي ميڊيا سان انهي سلسلي ۾ ڪو   رابطو  يا  ڳانڍاپو ناهي . هٿي اسان وٽ هڪ ماڻهو جي پگھار  اداري  ۾ ڪم ڪندڙ سڀبي  ملازمن جي پگهار  کان به وڌيڪ هوندي آهي ، هٿي ڪو پڇڻ وارو ڪونهي . تنهن ڪري بيروزگاري ۾ اضافو ٿئي ٿو .

شڪيل جعفري    تجزيا نگار

آبادي جو وڌڻ پڻ بيروزگاري جو سبب آهي ، آبادي جي وڌڻ سان صحت مند سرگرميون پڻ متاثر ٿيون آهن .

پاڪستان  اندر  نوجوانن جو هڪ وڏو انگ بيروزگار آهي ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ شبو ناهي . هڪ ته انهن نوجوانن وٽ روزگار ناهي ٻيو وري صحت منڊ سرگرمين جون سهولتون به ميسر ناهين . نوجوانن ۾  ڪم ڪرڻ جو جذبو سڀ کان وڌيڪ هوندو آهي انهن  کي جيڪڏهن  صحيح معنٰي ڊاريڪشن ڏني وڃي ته اهو سماج جي لاءَ نهايتي ڪارائتو هوندو آهي پر  انهي نوجوانن کي اگر ڪا منزل نظر نه اچي  ڪا ڊائريڪشن نظر نه اچي ته پوءَ اهو  ڏاڍو منفي ثابت ٿيندو آهي . اها ڳالهه به واضح طور سمجهڻ گھرجي ته نوجوان اسان جو اهڙو سرمايو جنهن کي اگر اسان صحيح منعٰي ۾ نه سنڀاليو ته اهو بم بڻجي سگھي ٿو  ۽ پوءَ جڏهن هو  اهو بم ڌماڪو ڪندو ته ان  مان فقط تباهي ئي ٿي سگھي ٿي  جيڪا هن وقت ٿي رهي آهي ، اسان

جا نوجوان ناڪارا ٿي رهيا آهن انهن کي سنڀالڻ جي اشهد ضرورت آهي …….!

ڪامريڊ جنت    بيروزگار نوجوان تحريڪ جو اڳواڻ

بيروزگاري  بنيادي طور تي سرمائيداري نظام جو ڏنل تحفو آهي ، سرمائيدار جي پهرين ڪوشش   ئي اها هوندي آهي گھٽ سرمائي ۽ ٿوري وقت ۾ گھڻو معافو ڪمائجي  . فيڪٽرين ۾ ڪم ڪندڙ نوجوان ڪيترن ئي مزدورن  جو اڪيلي سر ڪرڻ تي مجبور آهن  . 8 ڪلاڪ جي جاءَ تي 14 ۽ 16 ڪلاڪ ورتو وڃي ٿو  جنهن ڪري انهن جي جسم سان گڏ  ذهن تي پڻ دٻاءَ وڌي ٿو .  ذهني دٻاءَ هتي پوري سماج ۾ ڀريو پيو آهي ، صرف مزدور يا نوجوان انهي دٻاءُ جو شڪار ناهي پر شاگرد ، استاد سميت هر ماڻهو انهي  دٻاءٌ جو شڪار  آهي ،. بنيادي طور تي هي سسٽم ئي ناڪارا ٿي چڪو آهي . هن سسٽم ڪو به هڪ ادارو صحيح معنٰي ۾ ڪم نٿو ڪري ، ڪرپشن ۽ ڪاري ناڻو هن سماج کي اوڏاهي جيان کائي رهيو آهي . سرڪار نوجوانن کي نظرانداز ڪرڻ کان علاوه ٻيو ڪو ڪم نٿي ڪري .  باقي ڪسر اوپن مارڪيٽ پوري ڪئي آهي . هن رياست جي حڪمرانن 70 سالن ۾ عوام کي بجلي ، پاڻي ، تعليم ۽ صحت سميت بنيادي ضرورتون ناهي  ڏئي سگھي ته  پوءَ  روزگار  ته بعد جي ڳالهه آهي . پاڪستان اندر بيروزگار جو انگ هر روز وڌي ٿو . هر محلي هر گھر توهان کي ڪو ڪو بيروزگار ضرور ملندو . پاڪستان جيسي تائين IMF ۽ World Bank تي ڀاڙيندو بيروزگاري ۾ اضافو ٿيندو رهندو ان ۾ گھٽ تائين نه ايندي . سرڪار کي روزگار جا نيا ۽ بهتر وسيلا ڏيڻا پوندا ٻئي صورت  ۾ بيروزگاري هڪ ڪينسر  جي شڪل اختيار ڪري ويندي  .

ڊاڪٽر جاويد درس

سڀ کان پهريان اهو ته جيڪڏهن  ڪا بيماري ناهي ته ان  جو مطلب اهو ناهي ته توهان صحت مند آهيو  پر صحت مند ان کي چئبو  جنهن کي ڪا بيماري به نه هجي ۽ اهو  وڌي ۽ اڳتي پروگريس به ڪري .

ته پوءَ ان  کي  صحت مند  چيو ويندو . سماج اندر ڪجهه ماڻهو جسماني بيمار هوندا آهن ڪجهه ماڻهو وري ذهني بيمار هوندا آهن  .

ذهني بيمارين جا به جسماني بيمارين جيان  الڳ الڳ  قسم هوندا آهن ، اڪثر ڪري سماجي تعلق گھٽجڻ سان پڻ ذهني بيمارين ۾ اضافو ٿئي ٿو

اسان   هر هفتي 900 کان هڪ هزار مريضن کي ڏسون ٿا ، انهن ۾  پنجاهه سيڪڙو کان وڌيڪ جوان ماڻهو هوندا آهن پوءَ ڇوڪرا هجن يا وري ڇوڪريون .

نوجوانن ۽ جوانن ۾ جيڪي عام بيماريون آهن انهن Depression, depressive disorder اداسي يا مايوسي جي بيماري جنهن کي چئبو آهي ، اُها سڀني کان وڌيڪ آهي ، ان جو ڪارڻ ڪجهه ته معروصي هوندي آهي ، اسان جي پنهنجي شخصيت هوندي آهي ، سماج جو اڻ وڻندڙ رويو پڻ جو ان ڪارڻ هوندو آهي ، ان جا ڪيترائي ٻيا سبب پڻ ٿي سگھندا آهن .

ڪجهه اهڙا نوجوان به اچڻ ٿا جيڪي سماجي روين جي ڪري انهن تي  ذهني دٻاءَ تمام گھڻو هوندو آهي تنهن ڪري انهن نوجوانن کي ڪجهه عرصو داخل پڻ ڪرڻو پوندو آهي  ته جيئن ان تي نظر رکي وڃي ان جي سوچ تي ان جي خيالن تي ۽ ان جي عمل تي  ۽ ان ڪنٽرول انوائيرومينٽ ۾ رکيو وڃي .

اسان جو سماج اڃان تائين ان ليول تي ناهي پهتو جو انهن ذهني مريضن کي قبول ڪري ۽ انهن سان  عام مريضن جيان ورتاءَ رکي ، ان کان پهريان اسان مرگھي جي مريضن کي الڳ ڪري ڇڏيندا هئا  پر هاڻ ائين ناهي ٿيندو جيڪا سٺي ڳالهه آهي ، سون پر هاڻ ان مرض جي مريضن کي عام مريضن جيان ڏٺو ويندو آهي ،

ان طرح جي  مريضن کي هلڪو نه وٺڻ گھرجي .

انهي ذهني دٻاءُ جو هڪ سبب بيروزگاري پڻ آهي ،  پر اها ڊپريشن واري صورتحال فقط بيروزگار سان ناهي پر اها ان  شخص سان به ٿي سگھي ٿي جيڪو روزگار ۾ آهي اسان وٺ ڪيترائي اهڙا ڪيس ايندا آهن ، جيڪي روزگار ۾ ته هوندا آهن پر صحيح ۽ مناسب جاءَ تي نه هجڻ جي ڪري انهن ۾ پڻ ذهني دُٻاءُ هوندو آهي . پر  ڳالهه کي ائين به نه سمجھو وڃي ته جيڪو ماڻهو بيروزگار آهي اهو ڊپريشن جو مريض آهي ائين ناهي ، هر ماڻهو جي سوچ ۽ ويزن الڳ الڳ آهي ، انسان جي اندر ان جي شخصيت جو هڪ الڳ ڪردار هوندو آهي ننڍي هوندي کان ان جي جيڪا پرورش ٿيل هوندي آهي ان جا ان تي اثر هوندا آهن  ائين جيڪو ماڻهو ڊپريشن ۾ هوندو آهي پوءَ اهو روزگار ۾ هجي يا وري نه هجي ان تي ان جا اثر ضرور هوندا آهن ان ۾ اهو هوندو ته ماڻهو کي مستقبل انداهو نظر ايندو آهي ۽ هوءَ سمجھندو آهي ته اهو سڀ ڪجهه  ان ڪري ٿي رهيو آهي جو سندس روزگار ڪونهي پر   روزگار هجي ها ته ائين نه ٿئي ، هو ائين سمجهندو آهي ، سو صرف روزگار يا وري بيرزگاري جو ڊپريشن سان تعلق ناهي پر  ان جو ڪردار ضرور آهي . نوجوانن ۾ جيڪي ذهني بيماريون ٿين ٿيون ان جاڪيترائي سبب آهن ان مان بيروزگار ي پڻ هڪ آهي  ۽ اسان جي سماج ۾ ذهني بيمارين جي مريضن  جو تعداد وڌي ٿو  ۽ مريضن ۾وري  نوجوانن جو تعداد وڌيو آهي .

تجويزون

هنري سکيا جا ادارا يا Vocational Institutions ٻيهر بحال ڪجن.

هر اداري ۾ يونين ڪائونسل سطح تي عورتون ۽ مرد کنيا وڃن.

هر ضلعي ۾ سکيا گهرن ۾ هنرن جي باري ۾ ڄاڻ ڏني وڃي ۽ پرهئي جي اهميت ۽ عظمت تي فلمون ڏيکاريون وڃن. سيمينار ڪرايا وڃن.

جن به هنرن جي گهرج آهي، اهي مردن ۽ عورتن کي سيکاريا وڃن.

پهريان هر ضلعي ۾ اهي مرڪز قائم ڪجن ۽ انهن ئي ضلعن جي مڪاني نوجوان چوڪرن ۽ ڇوڪرين کي سکيا ڏني وڃي

هنرن جي سکيا جديد بنيادن تي ٿيڻ گهرجي، جيئن قابل ماڻهن کي ڏيساور به موڪلي سگهجي ۽ ملڪي ناڻي ۾ واڌ ڪري سگهجي.

سنڌ ۾ جهنگلي جيوت، چوپائي مال، مکڻ جي ڊيري فارمنگ ۽ مڇيءَ جي صنعت وسيلي وڏا هنرمند پيدا ڪري سگهجن ٿا، اهي سڄي سنڌ ۾ ڪتب اچي سگهن ٿا

روزگار ڏيندڙ تمام ادارا سرڪار وٽ رجسٽرڊ هجڻ لازمي هجي

نوڪري جي وقت ڪم ڪرڻ جا ڪلاڪ  8 يا ان کان گھٽ هجڻ گھرجن

بيروزگار الائونس هجڻ گھرجي

نوڪريون ميرٽ تي هجڻ گھرجن

بغير ڪنهن نوٽيس جي نوڪرين مان نه ڪڍيو وڃي

ٽيڪنيڪل تعليم کي وڌايو وڃي ته جئين نوجوان ان شعبي ۾ بهتر ڪم ڪري سگھن ،

ننڍيو فيڪٽريو ۽ ڪارخانه لڳايا وڃن نوجوانن نوڪرين تي ڀاڙڻ بجاءَ ننڍا ننڍا ڪاروبار ڪن

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ جي تباھ ٿيل سرڪاري تعليم ،گوسڙو استاد ۽ گوسٽ اسڪول

                 سنڌ جيڪو پاڪستان جو خالق صوبو آهي ، ان صوبي جي تعليمي شعبي جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے