21 بدھ , نومبر 2018

عوامي آواز| اڻڄاڻ استاد ۽ ايڊمنسٽريٽر تعليمي تباهي جو اصل ڪارڻ آهن | پروگرام: سنڌ نگر | ميزبان: حنيف ساگر| مهمان : سيما ڪينجهر ساند، جاويد ميمڻ

تعليم جي تباهي جا ذميوار ماستر ۽ آفيسر آهن: سيما ڪينجهر

ايم پي اي وڏيرا به تعليم جي بربادي جي ڀاڱي ڀائيوار چئي سگهجن ٿا: جاويد ميمڻ

ٿر ۾ جج اسڪولن کي کولرائن پيا، غازي بجير جو ٽي وي پروگرام ۾ اظهار

ڪراچي (رپورٽر) تعليمدان سيما ڪينجهر ساند چيو آهي ته سنڌ جي تعليمي تباهي جو اصل ڪارڻ نااهل ماستر ۽ ايڊمنسٽريٽر آهن.جنهن کي پڙهائڻ ۽ اسڪول هلائڻ جو ڪو تجربو ڪونهي. سنڌ ۾ پرائمري تعليم کي بري طرح نظر انداز ڪري صرف هائر ايجويڪشن تي ڌيان ڏيڻ سان تعليمي خرابيون وڌيون آهن. پروگرام سنڌ نگر ۾ ميزبان حنيف ساغر سان گفتگو ڪندي هن چيو ته سنڌ جا ڪيترائي ماڻهو اڃا تائين نياڻيون پڙهائڻ لاءِ راضي ناهن. نياڻين جي اعليٰ تعليم لاءِ والدين کي ذهني طور تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڪيترائي ماڻهو نوڪري نه ملڻ سبب خانگي استاد ٿين ٿا ۽ گهٽ پگهار سبب ذهني دٻاءَ جو شڪار رهن ٿا ۽ پڙهائي نٿا سگهن. جڏهن ته سرڪاري استادن کان وري ڪو پڇا ڳاڇا نه هئڻ ڪري اهي پڙهائيندا ناهن. سڀ کان پهريون انهي ڳالهه جي ضرورت آهي ته ٻارن کي سمجهه ۾ ايندڙ زبان کي رابطي جو وسيلو (موڊ آف ڪميونيڪيشن) بڻايو وڃي جيئن ٻار آساني سان پڙهي ۽ سمجهي سگهن. اها اسان جي ڪوتاهي آهي پنهنجي عظيم زبان کي اها اهميت نٿا ڏيون پنهنجي ٻولي جي طاقت وساري ويٺا آهيون. پروگرام ۾ عوامي آواز سکر جي ڊپٽي ايڊيٽر جاويد ميمڻ چيو ته اسان جي حڪومت عالمي ادارن کي صرف تعليمي ادارن جو انگ ٻڌائيندا آهن اسڪول کولڻ کان اڳ ۾ ڪا رٿابندي ناهي ڪئي ويندي. وڏيرن، ايم پي اي، ايم اين اي جي مرضي ۽ پسند سان اسڪول بڻايا ويندا آهن. استاد ۽ پٽيوالا به انهن جي مرضي جا هوندا آهن. پگهار حڪومت کان وٺي خدمت انهن جي ڪندا آهن. وڏيرو تعليم جي خلاف هوندو آهي. پروگرام ۾ ٿرپارڪر مان ٽيليفون تي ڳالهائيندي رپورتر غازي بجير ٻڌايو ته عوامي آواز اخبار جي رپورٽنگ کانپوءِ ٿرپارڪر جا سول جج ايڪشن ۾ آهن. ڪيترائي بند پيل اسڪول کولرايا اٿن. وڏيرن خلاف ايڪشن ورتو ويو آهي. ڪيترا اسڪول انهن جي قبضي مان ڇڏرايا ويا آهن. 029

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ڇاڇرو: عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم نهايت عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي

*ڇاڇري ۾ به سنڌ جي ٻين شهرين جيان جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے