16 جمعہ , نومبر 2018

عوامي آواز نيوز |سنڌ هاءِ ڪورٽ نائلا رند ڪيس جي عدالتي جاچ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ يونيورسٽي جي گرلس هاسٽل ۾ مبينا طور ڦاهو کائي زندگيءَ جو ڏيئو اجهائيندڙ نائلا رند ڪيس جي عدالتي جاچ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سيشن جج کي نائلا رند ڪيس جي ٻن مهينن اندر جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حيدر آباد بينچ نائلا رند ڪيس جي عدالتي جاچ لاءِ داخل ٻن درخواستن تي ٻڌڻي هلائي.

عدالتي ٻڌڻي بعد ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج کي نائلا رند ڪيس جي جاچ ڪري ٻن مهينن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ ٻن ميجسٽريٽس کي سنڌ يونيورسٽي جي گرلس هاسٽل جو دورو ڪري صورتحال بابت آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

عدالت اي ٽي سي ڪورٽ ۾ هلندڙ ڪيس تي به اسٽي جاري ڪري ڇڏيو.

نائلا رند ڪيس جي عدالتي جاچ لاءِ سنڌ يونيورسٽي جي شاگردياڻي قرئت فاطمه ۽ اندر جيت لوهاڻي درخواست داخل ڪرائي هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| نواب شاهه : شاهه عبداللطيف جي پانڌيئڙن جي بس سان حادثو،15 زخمي

نواب شاهه ڀرسان بالو جا قبا وٽ لطيف سرڪارجي زيارت لاءِ ويندڙ پانڌيئڙن جي بس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے