15 ہفتہ , دسمبر 2018

عوامي آواز نيوز |ڪراچي : سچل ڳوٺ ۾ پوليس مقابلو، 5 دهشتگرد مارجي ويا

ڪراچي  جي علائقي سچل ڳوٺ ۾ پوليس دهشتگردي جو وڏو منصوبو ناڪام بڻائيندي 5 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو آهي. سچل واري علائقي ۾ ڳجهي اطلاع تي پوليس ايس ايس پي ملير رائو انوار جي اڳواڻي ۾ ڪمپائونڊ جو گهيرو ڪيو. ڪارروائي دوران پوليس ۽ دهشتگردن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جنهن دوران 5 دهشتگرد مارجي ويا. مقابلي کانپوءِ مارجي ويل دهشتگردن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ايس ايس پي ملير رائو انوار چيو ته مارجي ويل دهشتگردن جو مختلف گروپون سان تعلق هو، جن ۾ هڪ جو تعلق داعش، هڪ طالبان ۽ هڪ جو القاعده سان آهي. هن چيو ته مارجي ويل دهشتگرد محرم دوران شهر ۾ دهشتگردي جي رٿابندي  ڪري رهيا هئا. سندس چوڻ هو ته مارجي ويل دهشتگردن وٽان ريموٽ ڪنٽرول بم ڪار ملي آهي، جنهن ذريعي ڪنهن  جلوس کي نشانو بڻايو وڃي ها. رائو انوار چيو ته مارجي ويل دهشتگردن ۾  هڪ دهشتگرد جديد ڊرون ٽيڪنالاجي جو ماهر هو. ايس ايس پي ملير رائو انوار چيو ته ڳجهي ادارن جي ڄاڻ جي بنياد تي اهم ڪارروائي ڪندي دهشتگردن جي منصوبي کي ناڪام بڻايو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ميرپورخاص : نيشنل سوشل اڪنامڪ رجسٽري جو آگاھي مھم سلسو جاري

ميرپورخاص  ۾ گورنمينٽ پا ڪستان پاران نيشنل سوشل ايڪانومڪ رجسٽري جو آگاھي مھم سلسو جاري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے