15 ہفتہ , دسمبر 2018

قومي اسيمبلي چونڊ سڌارن بابت بل 2017ع منظور ڪري ورتو

قومي اسيمبلي چونڊ سڌارن بابت بل 2017ع منظور ڪري ورتو آهي، جڏهن ته جماعت اسلامي جي ترميمن کي رد ڪيو ويو، بل جي منظوري بعد نااهل وزيراعظم نون ليگ جو سربراهه بڻجي ويندو. قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ قانون واري وزير زاهد حامد چونڊ سڌارن بابت بل 2017ع پيش ڪيو، جنهن جي مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه، شاهه محمود قريشي ۽ ٻين مخالف ڌر جي ميمبرن مخالفت ڪئي. اسپيڪر طرفان شاهه محمود قريشي کي ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏيڻ تي مخالف ڌر طرفان نعريبازي ڪئي وئي، جڏهن ته اسپيڪر جي ڊائيس جو گهيراءُ ڪري ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙيون ويون. ان موقعي تي مخالف ڌر طرفان حڪومت خلاف احتجاج ڪندي سخت نعريبازي ڪئي وئي. حڪومت، مخالف ڌر جي احتجاج جو فائدو وٺندي شق وار بل جي منظوري ورتي. چونڊ سڌارن بابت بل قومي اسيمبلي مان منظوري بعد اڄ ئي صدر ان تي صحي ڪندو. صدر جي منظوري بعد چونڊ سڌارن بابت بل 2017ع قانون بڻجي ويندو. بل تي صدر جي صحي بعد نواز شريف نون ليگ جي ٻيهر صدارت سنڀالڻ جي اهل ٿي ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گهرو وزارت زلفي بخاري جو نالو اي سي ايل مان ڪڍي ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) گهرو وزارت وزير اعظم جي سمنڊ پار پاڪستانين بابت خاص مددگار زلفي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے