21 بدھ , نومبر 2018

چونڊ سڌارا ايڪٽ 2017 لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج

لاهور(ويب ڊيسڪ) چونڊ سڌارا ايڪٽ 2017ع کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو ويو آهي. عوامي تحريڪ طرفان اشتياق چوڌري ايڊووڪيٽ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ آئيني درخواست داخل ڪئي آهي. درخواستگذار عدالت جي روبرو موقف اختيار ڪيو ته چونڊ سڌارن ۾ ترميم جو نئون قانون آئين جي بنيادي ڍانچي ۽ سندس روح جي خلاف آهي، چونڊ سڌارن ۾ بدنيتي جو عنصر شامل نه هئڻ گهرجي، چونڊ سڌارا رڳو هڪ پارٽي جي اڳوڻي سربراهه لاءِ ڪيا پيا وڃن ان ڪري انهن کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اجمل قصاب ڀارتي شهري آهي، ڊوميسائيل سامهون اچڻ تي انتظاميه پريشان

نئي دهلي (ويب ڊيسڪ) اجمل قصاب جو پاڪستاني هجڻ جو ڀارتي دعوديٰ ڪوڙ نڪتو، ممبئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے