20 منگل , نومبر 2018

اداڪارا ميرا جي اصل عمر ظاهر، تاريخ غلط آهي: ميرا

Meera_400x400ڪراچي (شوبز نيوز) پاڻ کي 20 سالن جي نوجوان ناري سڏرائيندڙ اداڪارا ميرا جي اصل عمر وارو راز کُلي ويو آهي. اداڪارا ميرا 39 سالن جي آهي. ان ڳالهه جو انڪشاف ميرا جي ويجھن ذريعن ڪيو، ذريعن جو چوڻ هو ته نادارا پاران جاري ڪيل شناختي ڪارڊ ۾ سندس اصل نالو ارتضيھ رباب داخل آهي سندس ڄم جي تاريخ 12 مئي 1977ع داخل ٿيل آهي. واضح رهي ته اداڪارا ميرا پنهنجي فلمي ڪيريئر جي شروعات 1995ع ۾ فلم ڪانٽا سان ڪئي هئي ۽ هوءَ پنهنجي عمر بابت سدائين جذباتي نظر آئي آهي. ان بابت اداڪارا ميرا جو چوڻ هو ته سندس شناختي ڪارڊ تي جيڪا تاريخ داخل آهي اها درست ناهي، اداڪارا جو چوڻ هو ته هوءَ 39 سالن جي ناهي نه ئي سندس قومي سڃاڻپ ڪارڊ تي سندس ڄم جي تاريخ 12 مئي 1977ع آهي، ادڪارا صحافي پاران پڇيل اصل عمر واري سوال کي گول ڪري وئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جان ابراهم رنوير ۽ دپيڪا جي شادي تي ڳالهائڻ کي فضول سمجهي ٿو…!

ممبئي (شوبز نيوز) اداڪار جان ابراهيم بالي ووڊ جي جوڙي دپيڪا پڊڪون ۽ رنوير سنگھه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے