19 جمعہ , اکتوبر 2018

دهشتگردي ۽ قومي رياست جي نئين سر جوڙ جڪ

ايوب ملڪ

يورپي تاريخ جو مطالعو ڪندي اسان کي خبر پئي ٿي ته يورپ جڏهن عيسائين کي رياست جي حمايت حاصل ٿي ته ان گرجا گهر کي هڪ اداري طور منظم ڪيو. سياسي اقتدار ۽ طاقت جي حمايت عيسائين ۽ چرچ جي ڪردار کي مڪمل طور تبديل ڪري ڇڏيو، ايئن گرجا گهر ۽ عقيدن يورپي معاشري کي اهڙي نموني ته سختيءَ سان پنهنجي پڪڙ ۾ آندو جو پڙهيل لکيل تعليم يافته ماڻهن ۾ به چرچ جي تعليم خلاف لکڻ جي همت نه ٿي، گليلو جڏهن پنهنجي تحقيق کي دليل سان ثابت ڪيو ته زمين سج جي چوڦير گهمي ٿي ته هن کي ان جي نتيجي م کيس سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو، ڇو جو، اها تحقيق چرچ جي بنيادي عقيدي سان ٽڪراءُ ۾ هئي، آخرڪار هن کي معافي وٺڻي پئي، ڇو جو هو جي معافي نه وٺي ها ته هن جو حشر به سقراط  کان مختلف نه ٿئي ها. ان دور جي يورپي سماج ۽ اڄوڪي پاڪستاني معاشري ۾ کوڙ شيون هڪ جهڙيون آهن، مثال طور يورپ جو معاشرو بادشاهه، چرچ، بادشاهه ۽ جاگيردارن جي تسلط ۾ هو. خانقاهون ۽ چرچ بدعنوانين جا اڏا بڻجي چڪا هئا.  بادشاهه، چرچ ۽ اميرن وٽ نه رڳو دولت ۽ مالي ذريعا هئا پر کيس رعايتون ۽ اختيار به مليل هئا، دولت جي نامناسب ورڇ جي ڪري معاشري ۾ اميرن ۽ غريبن جي وچ ۾ تمام  گهڻو فرق پيدا ٿي پيو هو، چرچ جي عملدارن جو ڳاڻيٽو انهن رعايت يافته ماڻهن ۾ ٿيندو هو، نه ته اهي ٽيڪس ڏيندا هئا ۽ نه ئي وري عام عدالتن ۾ مٿن ڪيس هلندا هئا، پوپ چرچ جا عهدا وڪرو ڪندو هو ۽ ان جا خريدار زميندارن، جاگيردارن ۽ واپارين جي اولاد هوندا هئا، کين مذهب جي باري ۾ ڪو علم نه هو  پر انهن عهدن سان گڏوگڏ  هنن جو سماجي رتبو به وڌي ويندو هو ۽ ايئن کين دولت جمع ڪرڻ جا وڌيڪ موقعا به ملي ويندا هئا، اڄ پاڪستان ۾ به جاگيردار، سردار ۽ سرمائيدار، رياستي حڪمران  ٽولي سان ملي ڪري اهڙي هڪ هٽي قائم ڪيو ويٺا آهن.

هن وقت شديد ضرورت محسوس ٿئي ٿي، ته ماڻهن کي تهمتن ۽ مذهبي تنگ نظرييءَ مان آزاد ڪرائي ان کي سياسي ۽ سماجي طور هڪ عزت جوڳو مقام ڏنو وڃي، ان موقعي تي نئون نظام قائم  ڪرڻ لاءِ يورپي مفرڪن يوناني لڌا، پريس جي ايجاد کانپوءِ بائيبل جو به نئين سر جائزو ورتو ويو، مذهبي تعليم سان گڏوگڏ گرامر، منطق، رياضي، جاميٽيري، اسٽرالاجي، قانون ۽ طب کي نصاب ۾ شامل ڪيو ويو. نوان علمن يورپي معاشري ۾ جنهن نئين فڪر جو بنياد وڌو، تنهن چرچ ۽ مذهبي  عالمن جي خيالن کي بنا ڪنهن تنقيد جي قبولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. نون علمن جي ذريعي پيدا ٿيل فڪر جي نتيجي ۾ بائيبل جو ترجمو مقامي ٻولين ۾ ٿيو، جنهن لاطيني ٻوليءَ جو تسلط ٽوڙيو ۽ مقدس ڪتاب کي مڪاني ٻولين ذريعي عام ماڻهن تائين پهچايو.

31 آڪٽوبر 1517ع تي مارٽن لوٿر چرچ جي انهن بدعنوانين خلاف 95  نقطن تي ٻڌل هڪ انقلابي اعلان ڪيو، جنهن جي موٽ ۾ چرچ هڪ  فرمان ذريعي لوٿر کي باهه ۾ وجهڻ جي سزا ٻڌائي پر ان وقت ماڻهو به پوپ ۽ چرچ جي بدعنوانين مان تنگ اچي چڪا هئا ۽ ايئن لوٿر ٻڌايل سزا مان بچي ويو، لوٿر جو چوڻ هو ته نجاب لاءِ چرچ ۽ خانقاهه جي زندگي ضروري ناهي.

يورپي تاريخ جو مطالعو ڪندي اسان کي نظر اچي ٿو ته اڄ کان چار سو سال اڳ وچ يورپ ۾ به پاڪستان جهڙي صورتحال هئي، اتي به پروٽيسٽنٽ ۽ ڪيٿولڪ فرقن وچ ۾ 1618 کان وٺي 1648ع تائين ٽيهن سالن تائين مذهبي جنگ وڙهي وئي، ان ويڙهه ۾ 80 لکن جي لڳ ڀڳ ماڻهو ماريا ويا ۽ وڏي تعداد ۾ ملڪيتن کي نقصان پهتو، جرمني ۽ اٽليءَ  جي رياستن کي انهيءَ جنگ جي ڪري ڏُڪر ۽ بيمارين کي منهن ڏيڻو پيو ۽ اهي باقي يورپي رياستن کان لڳ ڀڳ هڪ صدي پٺ تي رهجي ويون.  پر جنگ جي خاتمي، جيڪو هڪ سٺو اثر ڇڏيو سو قومي رياست جي جوڙ جڪ جو تصور آهي. جيڪو1648ع واري معاهدي ويش تاڪيا جي نالي سان مشهور آهي. جنگ م شريڪ سڀني ماڻنن ويهي يورپ ۾ فرقيوار نفرتون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ ايئن قومي رياستون مذهبي معاملن م غير جانبدار ٿي ويون. ان ٽيهن سالن جي جنگ کانپوءِ جرمنيءَ جو معاشرو ڀرپور  توانائي سان اڀري آيو. يورپ جو جرمنيءَ جي  رياستن تي تسلط ختم ٿيو ۽ جرمن حڪمران آزاد ٿي ويا، پر ان معاهدي خدا، رياست ۽ فرد جي وچ ۾ رشتي کي نئين سر جوڙيو.

يورپي سماج ۾ جيتري به معاشي، سماجي ۽ سائنسي ترقي نظر اچي ٿي سا انهن رشن  جي نئين سر جوڙجڪ سان ئي ممڪن ٿي آهي، ڇا اسان اڄ پاڪستان ۾ ان ڳالهه جو انتظار ڪري رهيا آهيون ته اڳ ۾ 80 لک ماڻهو مرن پوءِ اسان رياست، فرد ۽ خدا جي وچ ۾ رشتن کي نئين سر مرتب ڪرڻ جو سايو ڪنداسين. خدا ۽ فرد وچ ۾ رشتي کان علاوه  هي به ضروري آهي ته رياست پنهنجي عوام جا سمورا بنيادي حق ايئن ادا ڪري، جهڙي نموني هڪ ماءُ پنهنجي سمورن ٻارن کي حق ڏيڻ ۾ ڪو فرق ناهي ڪندي، جنهن جي لاءِ ان کي جي پنهنجي جان ڏيڻي پئي ته ان کان به ناهي ڪيٻائيندي. سو جيستائين سراسر رياست جو محور صرف ۽ صرف عوام ۽ ان جي بنيادي مسئلن جو حل نه هوندو، ان وقت تائين پاڪستان مان دهشتگرديءَ جو خاتمو نه ٿيندو.

يورپي سماج خدا ۽ بندي جي وچ ۾ بنيادي تعلق سان گڏوگڏ رياست ۽ فرد جو به پاڻ رشتو مضبوط ڪيو، ايئن رياست ارتقائي مرحلي مان گذري فلاهي رياست بني، جيڪڏهن رياست جي هر فرد کي تعليم، صحت ۽ روزگار جون بنيادي سهولتون رياست طرفان ملن ته عوام جو استحصال ڪنهن به نظريي جي بنياد تي نه ٿو ڪري سگهجي يا گهٽ ۾ گهٽ ايئن ڪرڻ مشڪل ٿي ويندو. اهڙي معاشري ۾ آباديءَ  ۾ اضافي غربت جي خاتمي ۽ تهمت پرستي خلاف مفڪر کليل نموني لکي سگهن ٿا. اهڙن معاشري جو تعليمي نظام معاشري جي تبديل ٿيندڙ حالتن مطابق ان جو حل تجويز ڪندو آهي ۽ ايئن سمورو معاشرو ارتقا مان گذرندي مثالي معاشري جي صورت ۾ نڪري نروار ٿيندو آهي. اهڙي معاشري ۾ ادب، شاعري، موسيقي، مصوري ۽ مجسمي سازيءَ جي ڪو به مخالف نه ڪندو آهي. اهڙن معاشرن ۾ فرقيواريت بنياد پرستي ۽ مذهبي جنونيت، جيڪا اڄوڪي پاڪستان ۾ عروج تي آهي، جي خلاف قوم کي متحد ڪرڻ ۾ گهڻي سولائي ٿيندي آهي، سو اسان جيڪڏهن پنهنجي معاشري مان دهشتگرديءَ جو  مڪمل خاتمو چاهيون ٿا ته اسان کي پنهنجي مفڪرن ۽ دانشورن تي زور ڏيڻو پوندو ته معاشري جي معاشي ۽ سماجي محرومين جو نه رڳو جائزو وٺن پر ان جو علمي حل اهڙي نموني پيش ڪن جو فردي رياست ۾ رشتو مضبوط ٿي سگهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڌانڌلين جي جاچ لاءِ پارلياماني ڪاميٽي جو ٺهڻ..! 

خادم رند پاڪستان ۾ 25 جولاءِ تي ٿيل عام چوندن جي شفافيت ۽ غير جانبداري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے