21 اتوار , اکتوبر 2018

ٿر ۾تعليم جي حالت

علم الدين راهمون

تعليم جو حصول هر رياست ۾ هر شهريءَ جو بنيادي حق آهي. ان حق کي ملڪي سطح تي اسان جو قانون به مڃتا ڏئي ٿو، جڏهن ته عالمي سطح تي گڏيل قومن به انهيءَ جي حيثيت مڃي آهي. تعليم جي حصول سان انسان ۾ شعور ۽ ساڃاهه اچي ٿي، تعليم جي حصول سان ماڻهوءَ  جي صلاحيتن ۾ نکار اچي ٿو. تعليم يافته انسان سماج جو هڪ باشعور فرد هوندو آهي. تعليم ئي ان فرد کي احساس جي ذميواري ڏياريندي آهي. علم کانسواءِ  انسان جهنگ جي حيوان برابر آهي. اسان جي ٽئين دينا جي پٺتي پيل سماجن جي اها بدقسمتي آهي، جو اُتي انسانن کي بنيادي حق حاصل ناهن، اسان جو صوبو سنڌ به اهڙي پريشان ڪندڙ ۽ ڏکوئيندڙ صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي. اسان جي ملڪ ۾ تعليم جو حق قانوني طور بنيادي حق ۾ شمار ڪيو ويو آهي. پر بدبختيءَ سان ان تي عمل نه ٿي  رهيو آهي ۽ اسان جا ابتدائي فرد يعني ٻارڙا  انهيءَ حق کان محروم آهن. سنڌ ۾ تعليم جي صورتحال انتهائي خراب ۽ مايوس ڪندڙ آهي. تازو ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ حڪومت جي ٿيل هڪ اجلاس مان به اهڙو پتو پئي ٿو. سنڌ حڪومت جي سربراهه  وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل انهيءَ اجلاس ۾ صوبي جي تعليم جو جيڪو منظر نامو پيش ڪيو ويو، اهو انتهائي مايوس ڪندڙ هو. انهيءَ اجلاس ۾ تعليم جي صوبائي وزير، سيڪريٽري ۽ ٻين لڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ صوبي جي تعليم جي حوالي سان انگ اکر پيش ڪيا ويا. انهن انگن اکرن جي مطابق سنڌ ۾ اڄ به 3000 اسڪول بند پيل آهن، جڏهن ته صوبي جا 66 لک ٻارڙا اسڪولن کان ٻاهر آهن، اجلاس ۾ دعويٰ ڪئي وئي ته صوبي اندر تعليم جي شرح 66 سيڪڙو آهي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته بائيوميٽرڪ نظام اچڻ کانپوءِ 5000 استاد نوڪريون ڇڏي ويا آهن. اجلاس ۾ اهو به چيو ويو ته صوبي جي تعليم کاتي ۾ هزارين استادن جون جعلي ڀرتيون ڪيون ويون. اڄ به 24000 آفيسرن جن جو واسطو تعليم کاتي سان اهي، اُهي گوسڙو آهن.

سنڌ سرڪار جي تعليم کاتي جي انهيءَ گڏجاڻي مان اسان کي صوبي  جي تعليمي حالتن جو ڀرپرو اندازو ٿئي ٿو. سنڌ جي ٻين ضلعن جيان پٺ تي پيل ضلعي ٿرپارڪر جي به تعليمي صورتحال انتهائي خراب آهي. ٿر پارڪر ۾ انتظامي حوالي سان 7 تعلقا مٺي، ڏيپلو، ڇاڇرو، اسلام ڪوٽ، ننگر، ڪلوئي ۽ ڏاهلي آهن. انهيءَ تعلقن جي يوسين، ديهن جي شهرن توڙي ٻهراڙي جي ڳوٺن ۾ ڪيترائي پرائمري، سيڪنڊري، هائير سيڪنڊري ۽ ڪاليج ليول جا تعليمي ادارا ڪم ڪري رهيا آهن.  پر اُ تي انهن ادارن جي ڪارڪدگي تعريف جوڳي ناهي، ضلعي جي ڏورانهن ڳوٺن  ۾ قائم ٿيل ڪيترن مسئلن جو شڪار آهن، ڪيترن ئي اسڪولن ۾ بنيادي سهولتون  جهڙوڪ، پيئڻ جو پاڻي، بجلي، باٿ روم ۽ چوديواري ناهي.

ڪيترن ئي اسڪولن ۾ پڙهائڻ وارن استادن جي اڻاٺ آهي، هڪڙي پرائمري اسڪول ۾ سمورا مضمون جن ۾ سنڌي، انگريزي، اُردو، اسلاميات، رياضي، سائينس وغيره هڪڙو  ئي استاد پڙهائي رهيو هوندو آهي. اهڙن اسڪولن ۾ شاگردن جو  تعداد 50 کان 200 تائين به هوندو آهي. هاڻي هڪڙو استاد پنجن ڪلاسن جي ڌار، ڌار مضمونن کي ڪيئن پڙهائي سگهندو. هڪڙو ته مضمون گهڻا آهن، ٻيو ته درجا گهڻا آهن. هڪڙو استاد ڪهڙو، مضمون ڪهڙي درجي کي پڙهائي، اهو سڀ کان وڏو مسئلو آهي، انهيءَ ڪري ٿر جي اسڪولن ۾ ٻارن کي بنيادي تعليم ئي صحيح ئي درست انداز ۾ نه ٿي ملي. پرائمري جا 5 درجا پاس ڪندڙ ٻار کي صحيح پنهنجي مادري زبان سنڌي ۾ پڙهڻ ۽ لکڻ نٿي اچي، ٻين مضمون جي بنيادي ڄاڻ ته پري آهي، اهڙي طريقي سان ٿر جي اسڪولن ۾ تعليم جو معيار انتهائي ڪريل آهي. جنهن ٻار کي صحيح سنڌي به پڙهڻ نٿي اچي، اهو اڳتي هلي مڊل ۽ هاءِ اسڪول جي مٿين درجي جي تعليم کي ڪيئن سمجهي سگهندو. جنهن ٻار رياضي، انگريزي ۽ سائنس سان ابتدائي ۽ بنيادي سبق ئي نه پڙهيا هوندا، اهو مٿين درجن جي مٿين تعليم کي ڪيئن سمجهي سگهندو.

ٿر جي تعليم جي تباهيءَ جو اهو بنيادي ڪارڻ آهي، جيڪو مون ذڪر ڪيو. ان جو نچوڙ اهو آهي ته ٿر جي اسڪولن ۾ استادن جي سخت کوٽ آهي. اسڪولن ۾ ٻار گهڻا آهن پر انهن کي پڙهائڻ جي لاءِ استاد بنهه ٿورا آهن، ٿر جي تعليم  جي حوالي سان ٻيا به کوڙ سارا مسئلا آهن، جن جو مختصر ذڪر ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو. ڪن ڳوٺن ۾ اسڪول ته آهن پر انهن ۾ پڙهائي نه ٿي ٿئي. اسڪولن جي عمارتن ۾ اتان جا بااثر قبضو ڪري ويٺا آهن.انهن اسڪولن جي عمارتن کي پنهنجي اوطاقن، گدامن، مال جي واڙن، دڪانن ۽ شادي هالن وغيره جي نالي وقف ڪري ڇڏيو آهي. انهن وڏيرن ۽ پٽيلن کي ڪو چوڻ وارو ناهي، ٻئي طرف ٿر ۾ ڪيترائي اهڙا اسڪول به قائم آهن، جن ۾ پڙهائي ته ٿئي ٿي پر اهڙن اسڪولن کي عمارتن جي سهولت موجود ناهي. ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت لانڊيون، چونئرا ۽ جهونپڙيون ٺاهي، انهن ۾ ٻارن کي پڙهائي رهيا آهن. ڪيترن ئي هنڌن تي  ٻار پٽ تي وڻن جي ڇانو هيٺ تعليم پرائڻ لاءِ مجبور آهن،

ٿر جا ڪيترائي اسڪول فرنيچر جي کوٽ واري مسئلي جو شڪار آهن. اسڪولن جون عمارتون زبون  ٿي ويون آهن ۽ اسڪولن ۾ ٻارن جي ويهڻ لاءِ بينچون ۽ استادن جي ويهڻ لاءِ ڪُرسيون ناهن. ڪيترائي ٻار اسڪولن جا ڪمرا ننڍا هئڻ سبب ورانڊن ۽ وڻن جي ڇانو هيٺ پڙهڻ تي مجبور  آهن. ٿر ۾ تعليم جي اها صورتحال آهي، جيڪا مٿي پيش ڪئي وئي. انهيءَ  سلسلي ۾ سنڌي ميڊيا کي جس هُجي جنهن ”واڪا ڪرڻ ، مون وس“ ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو“  جي مصداق رڙيون ڪري ٿر سميت سڄي سنڌ جي تعليم جي صورتحال کي اجاگر ڪيو آهي. انهيءَ کانپوءِ صوبي جي عدليا ۽ ان جي سرواڻ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس کيرون لهڻي، جنهن ان صورتحال جو نوٽيس وٺي ان کي بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جنهن جي نتيجي ۾ تعليم جي ٻڏل ٻيڙي جيڪڏهن ڪناري تي ناهي پهتي پر تڏهن به تباهي جي پاڻيءَ مان ڪُجهه ٻاهر نڪرندي  نظر اچي رهي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڌانڌلي، خوشحالي ،سازش ۽ مهانگائي!

شفيق الرحمان شاڪر خيرن سان خوشخبري اها آهي ته  2018ع جي عام چونڊن ۾ ٿيل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے